آرمي چيف 2030ع تائين عهدي تي رهندو؟

اسلام آباد(عمران شفقت+مزمل سهروردي)جسٽس  منصور علي شاهه صاحب ۽ جسٽس اطهر من الله  استيعائفن کان پوءِ اهي ڇا ڪرڻ وارا آهن؟ انهن جو ارادو ڇا آهي، ۽ اهي ڪهڙي قسم جي سياست کي هتي جاري رکڻ چاهين ٿا. اهي جيڪي هتي ويهي سياسي راند ڪري رهيا هئا، ان سياست کين ڪاميابي نه ڏني، ۽ آخرڪار ٿڪجي هار مڃي پنهنجي استعفيٰ ڏئي گهر واپس ويا. پر سوال اهو آهي ته ڇا اهي گهر ويهي آرام ڪندا، يا وري سياست شروع ڪندا، شايد ڪنهن نئين تحريڪ جي شروعات ڪندا، موجوده حڪومت يا اسٽيبلشمنٽ خلاف؟ ويندوجڏهن ته 27هين ترميم عدليه جي آزادي کي نقصان پهچايو، ۽ عدالت کي پارليامينٽ ۽ حڪومت جي ماتحت ڪيو. ان سبب عام ماڻهو انصاف کان پري ٿي ويو آهي، ۽ طاقتور اڳيان بي بس ٿي ويو آهي.ٻئي پاسي  آرمي ايڪٽ ۾ ترميم آرمي چيف جو مدو ٻيهر شروع ٿيندو. اهو قدم فوج لاءِ ضروري آهي ۽ رياست لاءِ پڻ اهم آهي، پر ان جا سياسي مضمرات به هوندا. اڳ ۾ ٽي سال جو عهده پنج سال لاءِ وڌايو ويندو هو، پر هاڻي سڀني ايندڙ آرمي چيفز لاءِ مدو پنج سال هوندو.آرمي چيف 2030ع تائين عهدي تي رهندو،27 نومبر کان چيئرمين جوائنٽ چيف آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدوختم ٿي ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.