ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي صوبي ۾ ڊينگي جي تصديق ٿيل ڪيسن بابت نئين رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ڀر ۾ مجموعي طور 4 هزار 611 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 829 ڪيس مثبت آيا،ڪراچي ڊويزن ۾ 3 هزار 94 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 419 مثبت ڪيسن جي تصديق ٿي،حيدرآباد ڊويزن ۾ 1 هزار 517 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 410 ڪيس مثبت آيا،سيڪريٽري صحت ريحان بلوچ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ڀر جي سرڪاري اسپتالن ۾ 101 نوان ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته نجي اسپتالن ۾ 82 نوان مريض داخل ٿيا،گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ڀر مان 2 فوتگيون رپورٽ ٿيون۔ هن مهيني ڊينگي سان متاثر ٿيل ماڻهن جو انگ 8 هزار 891 رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هن سال صوبي ڀر ۾ ڊينگي متاثرن جو مجموعي انگ 14 هزار 468 تائين پهچي ويو آهي،هن وقت سرڪاري اسپتالن ۾ داخل مريضن جو انگ 245 آهي، جڏهن ته نجي اسپتالن ۾ 173 مريض داخل آهن۔