لاهور (عوامي آواز رپورٽ)سينيئر قانون دان ڊاڪٽر خالد رانجها چيو آهي ته پاڪستان جي فوج ۾ ڪيترائي اهل، بهادر ۽ قابل آفيسر موجود آهن، جن کي پنهنجي جرئت ۽ بهادريءَ جي بنياد تي ستارهِ جرئت ۽ هلالِ امتياز جهڙا اعزاز ملي چڪا آهن۔هن جو چوڻ هو ته ممڪن آهي ته مدتِ ملازمت يا عهدي جي واڌ واري معاملي تي فوج جي اندر مان به ڪو ردعمل سامهون اچي سگهي ٿو،بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيئن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مان ڪجهه ردعمل ۽ موقف سامهون اچي رهيو آهي،ُهڙيءَ طرح فوج جي اندر مان به ساڳئي نوعيت جا قدم يا اظهار ڏسڻ ۾ اچي سگهن ٿا،هن چيو ته ته فوج ملڪ جو هڪ انتهائي اهم ادارو آهي، ۽ موجوده حالتن ۾، جڏهن علائقي ۾ صورتحال ڳنڀير آهي ۽ ڀارت سان تڪرار ۽ ڇڪتاڻ موجود آهي، اهڙي وقت ۾ پاڪستان فوج جي اندر ڪنهن به قسم جي بيچيني يا اختلاف جو متحمل نٿو ٿي سگهي۔پاڪ فوج جي اڳوڻي آفيسر ليفٽيننٽ جنرل (ر) نعيم خالد لودهی جو چوڻ آهي ته 27هين آئيني ترميم جي حد تائين معاملو ٺيڪ هو، جنهن تحت آرمي چيف کي “چيئف آف ڊيفنس فورسز” جو عهدو به ڏنو ويو آهي، ۽ ان لاءِ نه ڪا ٻي نئين مقرري گهربل هئي، نه ئي نئون نوٽيفڪيشن۔هن چيو:آرمي چيف ئي بنيادي مقرري آهي، ۽ انهيءَ عهدي جي بنياد تي ئي “چيئف آف ڊيفنس فورسز” جو عهدو وجود ۾ آيو آهي، تنهنڪري هن معاملي کي وڌيڪ اُلجهائڻ جي ڪا ضرورت نه هئي،هن چيو ته هي معاملو هاڻي تمام پيچيده صورت اختيار ڪري چڪو آهي، ۽ ظاهري طور تي لڳي ٿو ته 2030ع تائين فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير ئي آرمي چيف ۽ چيئف آف ڊيفنس فورسز ٻنهي عهدن تي برقرار رهندا۔”