سنڌ سرڪار پاران وفاق کان سارين جو امدادي اگهه مقرر ڪرڻ جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ جي زراعت واري صوبائي وزير سردار محمد بخش مھر وفاق کان مطالبو ڪيو آهي ته هو ڪڻڪ جي فصل جيان چانورن جي فصل جي به امدادي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ مؤثر ميڪينزم تيار ڪري.سردار محمد بخش مھرچيو ته چانورن جي آبادگارن جي مسئلن کان سنڌ حڪومت مڪمل طور آگاهه آهي ۽ وفاق کي گهرجي ته هو فوري طور تي آبادگارن جي حق ۾ امدادي قيمت جو اعلان ڪري، جيئن کين پنهنجي محنت جو جائز معاوضو ملي سگهي. هن ٻڌايو ته چانورن جي آبادگارن جي شڪايتن جي ازالي ۽ سندن رابطي لاءِ ضلعي سطح تي ڪميٽيون قائم ڪيون ويون آهن، جن جي سربراهي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جا سيڪريٽريز ڪندا. هن  چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته ڪڻڪ جي آبادگارن جيان چانورن جي آبادگارن کي به سبسڊي ڏني وڃي، جنهن سان پيداوار جي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ منافعو وڌڻ ۾ مدد ملندي.سردار محمد بخش مھر وڌيڪ چيو ته هاڻي سڀئي زرعي سبسڊيون بينظير هاري ڪارڊ ذريعي ڏنيون وينديون، جنهن لاءِ هڪ نئون شفاف نظام تيار ڪيو پيو وڃي.هن ڊي سيز کي هدايت ڪئي ته چانورن جي غيرقانوني ڪٽوتي بابت آبادگارن جي شڪايتن جو فوري ازالو ڪيو وڃي ۽ آبادگارن ۽ واپارين وچ ۾ مسئلا حل ڪيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.