اسلام آباد: ( م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئرسٽر گوهر چيو آهي ته تڙتڪڙ ۾ ترميمون ڪيون پيون وڃن. پارليامينٽ هائوس ٻاهران صحافين سان ڳالھائيندي، چيئرمين پي ٽي آئي بيرسٽر گوهر چيو ته اسان اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته 27 وين ترميم جي عمل جو حصو نه بڻجنداسين،صحافي هڪ سوال ڪيو ته نواز شريف جي پارليامينٽ ۾ آمد تي پي ٽي آئي انهن کي ڪيئن ويلڪم ڪندي؟ هن چيو ته نواز شريف آيا يا نه آيا، اهي هاڻي پاڪستاني سياست کان غيرمتعلق ٿي چڪا آهن، اهي سمجهي رهيا هئا ته انهن کي آڻي ريڊ ڪارپيٽ وڇايو ويندو، پر پارليامينٽ ۾ انهن لاءِ ڪنهن به ريڊ ڪارپيٽ ناهي بڇايو ويو. هڪ سوال جي جواب ۾ بيرسٽر گوهر خواجه محمد آصف کي مخاطب ڪري پڇيو ته ڇا راجا پرويز اشرف جي خلاف پٽيشن کڻي توهان افتخار چوڌري وٽ نه ويا هئا؟ ميان صاحب پاڻ وڪيل بڻجي ميمو گيٽ ڪميشن بنائڻ لاءِ ناهن ويا هئا؟ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر چيو ته 27 ويهين آئيني ترميم آئين ۽ قانون جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي، ترميم جي خلاف پنهنجو احتجاج جاري رکندا.