ڪراچي ۾ ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جا 7 شاگرد سمنڊ ۾ ٻڏي ويا، 3 فوت

ڪراچي (رپورٽر) ڊائو ميڊيڪل ڪاليج ۾ آخري سال جا 7 شاگرد ڪراچي جي منوڙا هماليا تي سمنڊ ۾ وهنجڻ دوران ٻڏي ويا، جن مان ٽي شاگرد فوت ٿي ويا. پوليس ۽ ريسڪيو ذريعن موجب، هي افسوسناڪ واقعو ان وقت پيش آيو جڏهن انتظاميا جي اجازت کان سواءِ پڪنڪ تي ويل 15 شاگرد سمنڊ ۾ وهنجي رهيا هئا. فوت ٿيل شاگردن جي سڃاڻپ احمد ڪاشف، اشراب منير ۽ سيد اشهد فاطمي طور ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ٽن شاگردن کي بيهوشي واري حالت ۾ بچايو ويو ۽ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان هڪ جي حالت نازڪ آهي. حادثي جي تفصيل موجب، شاگرد سمنڊ ۾ بال سان کيڏي رهيا هئا، بال پاڻي جي لهرن ۾ لڙهي ويو جنهن کي کڻڻ لاءِ هڪ شاگرد ويو ۽  لڙهي ويو، ان کي بچائيندي ٻيا به حادثي جو شڪار ٿيا. هڪ شاگرد اڃا تائين گم آهي، ۽ ڳولا جاري آهي. ڊائو ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر صبا سهيل واقعي کي هڪ وڏو الميو قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻيا شاگرد واپس اچي ويا هئا، جڏهن ته 15 شاگردن انتظاميا جي اجازت کان سواءِ پڪنڪ تي وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو. حادثي جو اطلاع ملندي ئي فوت ٿيل شاگردن جا خاندان ۽ ڪاليج انتظاميا سول اسپتال پهچي ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.