ميرپورخاص (رپورٽ: محمد صالح اوٺو) ميرپورخاص لڳ جھلوري ۾ مسجد جي پيش امام جي 7 ورهين جي معصوم ڌيءَ آمنا کي وحشي صفت جوابدار پاران ڏاڍائي جو نشانو بنائڻ بعد قتل ڪرڻ واري واقعي جو مُک جوابدار زاهد خاصخيلي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو. ايس ايس پي ميرپورخاص پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ ٻڌايو ته جوابدار زاهد خاصخيلي جھلوري ۾ حجام جو ڪم ڪري ٿو ۽ ڪجھ عرصو اڳ هن پنهنجي زال کي طلاق ڏني وئي، جوابدار آمنا کي موٽرسائيڪل تي اغوا ڪري ڳوٺ جي تباھ حال بند پيل اسڪول ۾ وٺي وڃڻ بعد وحشت جو نشانو بنائڻ جي ڪوشش ڪئي ته معصوم آمنا دانهون ڪرڻ شروع ڪيون جنهن تي جوابدار ڪچري ۾ پيل ڊرپ جي پائپ سان معصوم آمنا کي گھٽو ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش اسڪول جي پويان ڀت وٽ لڪائي ڇڏيو ۽ رات جو دير سان واپس اسڪول پهچي لاش کي ڪٽي (ٻوري) ۾ وجھي ڳوٺ لڳ جمڙائو ڪئنال ۾ لوڙهي ڇڏي. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار پنهنجي ڏوھ جو اعتراف ڪندي وڌيڪ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڻ کي بچائڻ ۽ همدردي لاءِ هن معصوم آمنا جي والد غلام حيدر کي ٻڌايو ته هن معصوم آمنا کي سندس اسڪول ويجھو روئيندي ڏٺو هو جنهن بعد هو سندس ڳولا ۾ به مدد ڪندو رهيو ته جيئن پوليس ۽ وارثن کي گمراھ ڪري سگھي پر معصوم آمنا جي والد کي سندس مٿان شڪ ٿي پيو جنهن تي پوليس به ان تي شڪ ڪندي سندس خلاف ثبوت گڏ ڪرڻ شروع ڪيا ته پوليس کي اهم ٽبوت مليا جنهن بعد سندس ڳولا ڪندي پوليس ڳجھي اطلاع تي ڳوٺ مبين خاصخيلي ۾ ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سندس سهولتڪار جوابدار فرار ٿي ويو آهي جنهن کي پڻ جلد گرفتار ڪيو ويندو. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدار معصوم آمنا تي نظر رکندو هو ۽ سندس اسڪول جي اچ وڃ جي وقت جو مشاهدو ڪرڻ سان گڏ معصوم آمنا سان ويجھڙائپ لاءِ کيس شيون وٺي ڏيندو هو. هن چيو ته وارثن پاران داخل ڪرايل اغوا واري ڪيس ۾ قتل جو قلم شامل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڊي اين اي رپورٽ اچڻ بعد امنا سان ڏاڍائي جي تصديق ٿيڻ تي ڏاڍائي سميت ٻيا قلم شامل ڪيا ويندا.