جاکوڙي سماجي شخصيت فقير محمد آچر خاصخيلي جي ياد ۾

تحرير: امتياز علي حيدري

 ٽنڊو آدم جي سماجي مذهبي علمي شخصيت فقير محمد آچر خاصخيلي ضلعي سانگھڙ تعلقي ٽنڊو آدم لڳ ڳوٺ او ٺو غلام شاه مري هڪ ننڍڙي زميندار فقير محمد سومار خاصخيلي جي گھر ۾ پيدا ٿيو ان بزرگ کي 28-10-1949 هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو فقير محمد آچر خاصخيلي رکيائين فقير محمد آچر خاصخيلي ڏاڍو سلڇڻو ۽ ذهين پڙهڻ جيڏو ٿيو ته سندس والد سندس ڳوٺ اوٺو غلام شاهه مري ۾ پرائمري تعليم ۽ قرآن پاڪ مڪمل ڪيو ان کان پوءِ اباڻو ڳوٺ ڇڏي ٽنڊوآدم شهر جي مشهور لطيف گيٽ وٽ مالهي پاڙي جاءِ خريد ڪري رهڻ لڳا پوءِ شهر جي گورنمينٽ شاه عبد اللطيف هاءِ اسڪول مان مڊل پاس ڪيو 1ئين ئي زندگي جا ڏهاڙا پاڻي جيان کٽندا رهيا  جڏهن فقير محمد سومار خاصخيلي جي وفات 26-6-1986 کان پوءِ سڄي زميواري فقير محمد آچر خاصخيلي مٿان اچي وئي خاصخيلي برادري جي وڏڙن کيس چڱ مڙسي جي پڳ ٻڌرائي.

  فقير محمد آچر نه رڳو خاصخيلي برادري پر هر ذات سان تعلق رکندڙن جو محبوب شخص هو جيڪو ڏينهن رات لاچار بيوس ماڻهن جي خدمت لاءِ جاکوڙيندو رهيو. فقير صاحب تاريخ جو اهم باب هو جنهن کي   ڪوبه  ماڻهو ڪڏهن  وساري نه سگهي هن پنهنجي حياتي ۾ 500 کان وڌيڪ نياڻين کي ڏاج ڏئي شاديون ڪرايون  هن پنهنجي حياتي ۾ استاد شاگر عالم سڳورن هارين مزدورن مطلب ته زندگي جي هر شعبي جي ماڻهن سان تعلق رکيو هن ننڍي هوندي کان جيڪي غريبن جي غربت واري حالتون ڏٺيون انهن جو من ۾ احساس ۽ جذبو هئس جنهن ڪري لڳاتار اڻٿڪ محنت ڪيائين نتيجي ۾ خانداني حيثيت کي مڃرايائين  نه رڳو اها حيثيت پاڻ تائين محدود رکيائين ليڪن مٽن مائٽن سنگتين او ڙي پا ڙي وارن ۾ به اهڙو جذبو جاڳايائين چڱو مڙس  هجڻ ڪري تعليمي شعور پکيڙڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيائين. سڀ ڪنهن کي منهن تي سچ چئي ڏيندو هو ڪچهري جو ڪوڏيو هو. سنڌ ۾ بدامني واري دؤر۾ به سياري اونهاري رات ڏينهن اوطاق   وسندي رهي ماڻهو ماڻهپي جي ڄاڻ ۽ گفتگو ڪرڻ جو ڏانءُ هيس. الله جي در جي علاوه ڪنهن در تي نه جهڪيو نه ئي جهول ڦهلايائين خود اعتمادي جي ڪري زندگي جي آخري ساهه تائين اٽل ارادي ۽ حو صلي سان رهيو هن پنهنجي حياتي ۾ زندگي سان لاڳاپيل هر پاسي ۾ پاڻ کي آزمايو ۽ هميشه سر خرو رهيو. مرحوم فقير محمد آچر خاصخيلي هڪ بهترين انسان سان گڏ ڏکويلن جو همدرد ساٿي مائٽن جو وڌيڪ مائٽ دوستن جو پيارو غريبن جو همدرد هوندو هيو. مرحوم فقير محمد آچر خاصخيلي ڳوٺ ۽ شهر جي پاڙي سڀني ٻارڙن کي ويهاري سمجهائيندو هو ته پنهنجي ديني دنياوي پڙهائي تي ڌيان ڏئي هڪ بهترين  مقام تي پهچڻ جي ڪوشش ڪجو ڇا ڪاڻ ته تعليم ئي انسان کي اصل منزل پهچائي ٿي ۽ ڪڏهن به ڪنهن جي دل آزاري نه ڪجو هميشه پنهنجي ماءُ پيءُ ڀينرن اوڙي پاڙي وارن سان پيار محبت ڪجو غريب مسڪين پورهيت مزدور جي مدد ڪجو ڇا ڪاڻ ته انهن جي دلين ۾ خدا رهي ٿو مرحوم فقير محمد آچر خاصخيلي پنهنجي  ڪجهه سمجها ڻين ۽ نصيحتن ۾ ٻڌائيندو هو ته ماٺ کي چڱو سمجهيو ويندو آهي ماٺ وارو گهڻو ڪري صحيح سياڻو هوندو آهي جڏهن ڳالهائجي ته ڳالهائڻ کان اڳ ان جو نتيجو سوچجي سو چي سمجهي ڳالهائجي. اهڙي ريت مرحوم فقير محمد آچر خاصخيلي جون نصيحتون عام ماڻهو کي هونديون هيون هو سدائين سچائي جي رستي تي هلڻ جو درس ڏيندو رهندو هيو سنڌ جي نيڪ انسان  يارنهن نومبر 2013 تي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.