لنڊن (ويب ڊيسڪ) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته ڪرڪيٽ بورڊ عزت سان گهرائي ته ڪردار ادا ڪندس.
لنڊن ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي آمد تي شاگردن سان گفتگو ڪندي شاهد آفريدي چيو ته ڪرڪيٽ بورڊ ٽيم جي پيءَ جو ڪردار ادا ڪندو آهي، بورڊ عزت سان گهرائي ته ڪردار ادا ڪندس.
هن چيو ته پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ ۽ سياست ٻئي نظام سٺا ناهن، سوشل ميڊيا تي بدتميزي جو طوفان آهي.
سندس چوڻ هو ته اڄ تائين مون کي سياست جو شوق ناهي پر سڀاڻي جي خبر ناهي، ڪرڪيٽ پاڪ – ڀارت لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي.
شاهد آفريدي چيو ته مودي سرڪار کان اڳ منهنجي ڀارتي ڪرڪيٽرن سان سٺي دوستي هئي.
You might also like