راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي دوري تي موجود سريلنڪن ٽيم جا رانديگر دورو اڌ ۾ ڇڏي واپس وڃڻ چاهين ٿا.
سرينلڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي مينيجر موجب رانديگر واپس وڃڻ چاهين ٿا.
هوڏانهن ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڪجهه دير بعد سريلنڪن ٽيم سان ملاقات ڪندو.
ذريعن موجب ملاقات ۾ سرينلڪن ڪرڪيٽ ٽيم کي سيڪيورٽي جي بريفنگ ڏني ويندي.
واضح رهي ته سرينلڪن ٽيم اڄ پريڪٽس سيشن به نه ڪيو هو.
You might also like