ننڊ اسان جي جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ انتهائي ضروري آهي پر ڇا توهان کي خبر آهي ته عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آرام جي ضرورت هوندي آهي؟
مختلف تحقيقن ۾ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته جسماني، ذهني ۽ جذباتي عملن سبب عورتن کي مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آرام جي ضرورت پوندي آهي.
ماهرن موجب عورتن جو دماغ سڄو ڏينهن ڪيترائي ڪم هڪ ئي وقت ۾ انجام ڏيندو آهي، جنهن سبب انهن جي توانائي وڌيڪ استعمال ٿيندي آهي، تنهن ڪري کين رات جو وڌيڪ آرام ۽ ننڊ جي ضرورت هوندي آهي.
ڊيوڪ يونيورسٽي جي تحقيق موجب ننڊ جي کوٽ عورتن تي مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اثر وجهندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اهي جلد ٿڪجي پونديون آهن، انهن جو موڊ تبديل ۽ بيچيني محسوس ڪنديون آهن.
عورتن ۾ ننڊ جي کوٽ جا اهم عمل
ماهواري، حمل ۽ کير پيئارڻ دوران ايسٽروجن ۽ پروجيسٽيرون جهڙي هارمونز جي سطح ۾ تيزي سان تبديلي ايندي آهي، جيڪا ننڊ کي معيار کي متاثر ڪندي آهي، ان دوران ڪيترين ئي عورتن کي بيچيني ۽ هر هر جاڳڻ جو مسئلو پيش ايندو آهي.
ذهني ۽ جذباتي بار
گهر، ڪم ۽ خاندان جون ذميواريون اڪثر عورتن تي وڌيڪ دٻاءُ وجهنديون آهن، جنهن سبب گهري ننڊ متاثر ٿيندي آهي ۽ ٿڪاوٽ وڌي ويندي آهي.
دماغ جو وڌيڪ استعمال ۽ ملٽي ٽاسڪنگ
عورتون اڪثر سڄو ڏينهن ڪيترائي ڪم گڏ ڪنديون آهن، تحقيق ٻڌائي ٿي انهن جو دماغ مردن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سرگرم رهندو آهي، جنهن جي ڪري انهن کي وڌيڪ آرام ۽ ننڊ جي ضرورت پوندي آهي.
حياتياتي فرق
عورتن جي ننڊ جو چڪر مردن کان ڪجهه مختلف هوندو آهي، اهي گهڻو وقت گهري ننڊ ۾ گذارينديون آهن پر جڏهن جاڳي پون ته ٻيهر گهري ننڊ ۾ وڃڻ ۾ گهڻو وقت وٺنديون آهن.
عورتن لاءِ ننڊ جا آسان قدم
هر عورت کي مردن کان وڌيڪ ننڊ جي ضرورت ناهي هوندي پر ماهرن جو چوڻ آهي ته سٺي ۽ باقاعدي ننڊ ضروري آهي، جيڪڏهن ڪا عورت اڪثر ٿڪاوٽ محسوس ڪندي آهي، ڏينهن جو به کيس ننڊ ايندي آهي يا صبح جو اٿندي تازگي محسوس ناهي ڪندي ته اها ننڊ پوري نه هجڻ جي نشاني ٿي سگهي ٿي.
عورتن کي گهرجي ته روزانو هڪ مقرر وقت تي سمهن ۽ جاڳن، سمهڻ کان اڳ اسڪرين جو گهٽ استعمال ڪن، پرسڪون ۽ آرام ڏيندڙ ماحول ۾ ننڊ ڪن، هلڪي ورزش ۽ صحتمند خوراڪ کائين.
Prev Post
You might also like