لاهور (ويب ڊيسڪ) 27هين آئيني ترميم کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته 27هين آئيني ترميم اسلامي تعليمن ۽ آئين جي خلاف آهي، صوبن جي مشاورت بنا ترميم سان آئيني ڍانچو متاثر ٿيو آهي.
درخواستگذار چيو آهي ته ترميم تحت ڇوٽ آئين جي خلاف آهي، سپريم ڪورٽ جا اختيار گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ عدالتي آزادي کي خطري ۾ وڌو ويو آهي.
درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته ڪيسن جي آئيني عدالت منتقلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، 27هين آئيني ترميم جون شقون آئين کان مٿانهيون قرر ڏيندي ڪالعدم ڪيون وڃن.
You might also like