نواز ليگ سينيٽر عرفان صديقي لاڏاڻو ڪري ويو

اسلام آباد(م ڊ) نواز ليگ سينيٽر عرفان صديقي لاڏاڻو ڪري ويو. سينيٽر عرفان صديقي ٻن هفتن کان اسلام آباد جي هڪ خانگي اسپتال ۾ ساهه جي تڪليف سبب علاج هيٺ هو. عرفان صديقي سينيٽ ۾ مسلم ليگ (ن) جو پارلياماني اڳواڻ هو ۽ صدر مسلم ليگ (ن) نواز شريف جو ويجهو ساٿي سمجهيو ويندو هو..سينيٽر عرفان مارچ 2021 ۾ سينيٽ لاءِ چونڊيو ويو هو. هو سينيٽ جي پرڏيهي معاملن واري ڪميٽي جو چيئرمين پڻ هو.

  1. ڪي پي ۾ فورسز جون ڪارروايون، 20 دهشت گرد مارجي ويا

پشاور (م ڊ) ڪي پي ۾ سڪيورٽي فورسز ٻن الڳ الڳ انٽيليجنس بيسڊ آپريشنن دوران 20 دهشت گردن کي ماري وڌو، آءِ ايس پي آر موجب خيبرپختونخوا جي مختلف علائقن ۾ ڪيل ٻن آپريشنن دوران، ڀارتي سرپرستي سان ڪم ڪندڙ فتنه الخوارج جا 20 مبينا دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر جي ترجمان چيو ته شوال  جي علائقي ۾ دهشت گردن جي موجودگي جي ڳجهي ڄاڻ بعد فورسز انٽليجنس بنياد تي آپريشن ڪيو، جنهن ۾ فتنه الخوارج جي ٺڪاڻن کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو ويو، 8 دهشت گرد مارجي ويا، هڪ ٻيو انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دره آدم خيل علائقي ۾ ڪيو ويو، جتي شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 12 دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشنز جاري آهن ته جيئن ڪنهن به باقي بچيل ڀارتي حمايت يافته دهشتگرد کي ختم ڪيو وڃي.

  1. گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت ڪيس ۾ حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪيو آهي. ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي قائم مقام چيف جسٽس جسٽس ظفر احمد راجپوت جي اڳواڻي ۾ ٿي. درخواست گذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هڪ شهري، سعد عالم، فيروز آباد پوليس اسٽيشن جي حد ۾ وار ڪٽرائڻ لاءِ گهر کان نڪتو هو ۽ واپس نه آيو. ان جي سهري پوليس ۾ گم ٿيل شخص جي درخواست جمع ڪرائي، پر اڃا تائين پتو ناهي مليو. ٻئي ڪيس ۾، هڪ وڪيل ٻڌايو ته عبدالصبغت، جيڪو ٽن سالن بعد جيل مان ضمانت تي آزاد ٿيو، سهراب ڳوٺ علائقي مان گم ٿي ويو. عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي سڀني ڌرين کي چار هفتن اندر گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا بابت اڳڀرائي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.