27 هين آئيني ترميم صوبن جي حقن خلاف سازش آهي\نياز ڪالاڻي

ميرپورماٿيلو/گهوٽڪي (رپورٽ: علي وسير/عرفان علي سومرو) گهوٽڪي ۾ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو آهي ته 27هين آئيني ترميم صوبن جي حقن خلاف سازش آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪلب گهوٽڪي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا ۾ ڪنهن به ملڪ جي آئين ۾ ڪنهن حڪمران کي ڪا قانوني ڇوٽ مليل ناهي،  هتي اهو تماشو ڏسي رهيا آهيون ته صدر کي تا حيات قانون کان ڇوٽ مليل هوندي. اهو عمل فاشزم جو بدترين مثال آهي. هن  وڌيڪ چيو ته تجويز ڪيل 27هين آئيني ترميم ذريعي صوبن جا حق کسي مرڪز حوالي ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي. حڪمران پنهنجي مرضي موجب صوبا ٽوڙي نوان صوبا ٺاهي سگهندا، جنهن سان ملڪ ۾ انتظامي ۽ سياسي انتشار پيدا ٿيندو ۽ وفاقي نظام ڪمزور ٿيندو. ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي وڌيڪ چيو ته سنڌ جو عوام پنهنجن وسيلن ۽ حقن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ خاموش نه ويهندو. سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران 11 نومبر تي احتجاج ۾ هر باشعور سنڌي شرڪت ڪري. ايس ٽي پي جي قائد ڊاڪٽر قادر مگسي طرفان سڀـني قومپرستن کي هڪ جهنڊي هيٺ گڏيل جدوجهد ڪرڻ بابت ڏنل تجويز بابت هن چيو ته اها تجويز غيرواجبي غيراخلاقي آهي اهو ڪئين مناسب آهي ته هڪ اخباري بيان تي اسان پنهنجون سڀ سرگرميون ڇڏي وڃي قادر مگسي وٽ پهچي سندس ٺاهيل جهنڊي هيٺ ويهون. جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ميرپور ماٿيلو بار ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي وحدت ۽ وسيلن جي خود مختاري جي حفاظت لاءِ گڏيل جدوجهد وقت جي اھم ضرورت بڻجي چڪي آهي. ان موقعي تي قوم پرست اڳواڻ پنھل ساريو، اڪرم ميتلو، مير حسن لاشاري، نصر الله ڪلادي، عبدالمجيد مير بحر ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.