پشاور (ويب ڊيسڪ) وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي حملو ڪرڻ کانپوءِ اندر پناهه وٺندڙ ٽن خارجين جي خلاف آپريشن جاري آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، وانا ڪيڊٽ ڪاليج تي حملو ڪندڙ خارجين جو واسطو افغانستان سان ٻڌايو پيو وڃي ۽ حملو ڪندڙن کي ٽيليفون ذريعي اتان هدايتون ملي رهيون آهن، دهشتگردن هڪ اهڙي عمارت ۾ لڪل آهن جيڪا ڪيڊٽس جي رهائشگاهن کان گهڻو پري آهي.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪالهه افغان خارجين ڪاليج جي مک گيٽ سان بارود سان ڀريل گاڏي ٽڪرائي هئي، ڌماڪي سبب ڪاليج جو مرڪزي گيٽ ڪِري پيو ۽ ويجهي عمارت کي به نقصان رسيو هو.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج جي جوانن ترت ڪارروائي ڪندي 2 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فورسز علائقي کي گهيري هيٺ آڻي فيصلائتو ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيو، جيڪو آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رهندو.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته حملي وقت ڪيڊٽ ڪاليج ۾ 525 ڪيڊٽ سميت اٽڪل 650 ماڻهو موجود هئا، فورسز هن وقت تائين 115 ماڻهن کي حفاظت سان ريسڪيو ڪري ورتو آهي، جڏهن ته 3 افغان خارجين کي ڪاليج جي هڪ مخصوص عمارت تائين محدود ڪيو ويو آهي ۽ علائقو مڪمل طور گهيري هيٺ آهي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڪيڊٽس جي رهائشي عمارتن کان پري هڪ عمارت ۾ افغان خارجي موجود آهن ۽ هن وقت تائين سمورا ڪيڊٽ محفوظ آهن، ڪيڊٽس کي ڪاليج جي حدن مان هوريان هوريان ڪڍڻ جو عمل جاري آهي، جڏهن ته في الحال ڪاليج جي اندر لڳ ڀڳ 535 ماڻهو موجود آهن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فورسز ڪيڊٽس جي والدين کان درخواست ڪئي آهي ته هو مطمئن رهن، هڙئي شاگرد محفوظ آهن ۽ آپريشن جلد مڪمل ڪيو ويندو.
ٻئي پاسي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته ڪيڊٽ ڪاليج ۾ 3 ڄڻا شهيد ٿيا، حملو ڪندڙڻ جو ارادو ماڻهن کي يرغمال بڻائڻ هو، پر هو ناڪام رهيا، دهشتگرد افغانستان ۾ پنهنجي هينڊلرز سان رابطي ۾ هئا.
محسن نقوي چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيهڻو پوندو، اسان وٽ اهڙا ثبوت موجود آهن ته افغانستان ۾ ماڻهن کي ٽريننگ ڏني پئي وڃي، جيڪڏهن دهشتگردن کي نه روڪيو ويو ته اسان انهن جو بندوبست ڪنداسين.
وانا ڪيڊٽ ڪاليج ۾ موجود ٽن خارجين خلاف آپريشن جاري، سمورا ڪيڊٽس محفوظ آهن: سيڪيورٽي ذريعا
You might also like