بلي آئلش، پاڪستان جو آسودو طبقو، بک ۽ طاقت

تحرير: سڪندر چنو

آمريڪا جي 22 سالا ڇوڪري جنهن ڳائڻ مان 11.5 ملين ڊالرن ڪمايا ۽ اها سموري رقم جيڪا پاڪستاني ڪرنسي ۾ 4 ارب روپيا صرف يتيم، غريب، ۽ بيواهه عورتن لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي. 22 سالن جي ڳائڻي بلي آئلش جڏهن حال ۾ ويٺل ارب پتي ماڻهن سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهايو ته سمورو حال جيڪو وڏن وڏن اميرن سان ڀريل هو خاموش ٿي ويو. بلي آئلش ان حال ۾ ان وقت موجود هئي جڏهن سندس کي وال اسٽريٽ اخبار پاران ايوارڊ ڏنو پئي ويو. جيڪڏهن ڳائڻي چاهي ها ته ويٺلن جو شڪريو ادا ڪري ها پر هن ائين نه ڪيو پر هن اتي موجود دنيا جي ارب پتي ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جي دولت، محلاتون، بنگلا آخرڪار ڪهڙي ڪم جا. جيڪي صرف پنهنجي عياشين لاءِ استعمال ڪيو ٿا. هن چيو ته آءُ ڳائڻ مان 11.5 ملين ڊالر ڪمايا آهن جيڪا ٽوٽل رقم غريبن، يتيمن ۽ بيوه عورتن لاءِ مختص ڪري ڇڏي آهي. هن ارب پتي ماڻهن کان سوال ڪيو ته جيڪڏهن توهان ارب پتي آهيو ته آخرڪار ڇو آهيو؟ سندس انهن لفظن سبب سموري دنيا مٿان خاموشي ڇائنجي وئي. وري هن دنيا کي چيو ته نفرت نه ڪريو. پنهنجو پئسو ورهايو غريبن ۾.  ان سان ذهني سڪون به ملندو. صحت به ملندي ۽ عمر درازي به ٿيندي.

 ان حال ۾ بل گيٽس، مارڪ زڪر برگ، ۽ چيف بيزوس به ويٺل ها. اهي اهڙيون مالدار شخصيتون آهن جيڪڏهن چاهين ته صرف هڪ چيڪ وسيلي پوري دنيا مان غربت کي ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪري سگهن ٿا. سچ 22 سالن جي ڳائڻي دنيا کي لوڏي ڇڏيو. ۽ دنيا جي ارب پتي توڙي مالدار ماڻهن جي ذهن ۾ هڪ ڌماڪو ڪري ڇڏيو. سندس تقرير ڪاوڙ ڀري نه هئي بلڪه هڪ سادي، سچي ۽ مرده ضمير کي جاڳائڻ واري صدا هئي. بلي آئلش اتي ويٺلن ماڻهن کان سوال پڇيو جڏهن ماڻهو بک، افلاس سبب مري رهيا آهن ۽ زمين باهه ۾ ٻري رهي آهي ته ان صورت ۾ دولت جمع ڪرڻ جو مقصد ڪهڙو ٿو رهي؟ هن چيو ته اصل جدت اهيا ناهي ته توهان ڪيتري دولت گڏ ڪيو ٿا بلڪه اصل جدت اهيا آهي ته توهان ماڻهن کي ڇا ٿا ڏيو؟ هن چيو ته 11.5 ملين ڊالر صرف هي هڪ عطيو ناهي بلڪه هي هڪ دنيا لاءِ پيغام آهي ته انسانيت جي خدمت ڪرڻ سڀ کان وڏي ڪاميابي آهي.

بهرحال سندس اهڙا لفظ اهڙي سوچ راتو رات ۾ دنيا کي تبديل نه به ڪري ته پر سندس اهڙا لفظ دنيا جو رخ ضرور موڙي وٺندا. بلي آئلش ياد ڏياريو ته اصل بهادري نيون نيون شيون ايجاد ڪرڻ نه آهي پر اصل شيءِ اها آهي توهان پنهنجي معاشري ۽ ملڪ مان غربت کي ختم ڪيو جنهن سان الله پاڪ پڻ راضي ٿيندو.  ظالم بادشاهه تيمور به انسانن جي کوپڙين جو هڪ وڏو عاليشان مينار ٺهرايو ۽ هاڻي تيمور واري سوچ رکندڙ پاڪستان جا حڪمران عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ ۾ مشغول آهن.  اسان کي پنهنجي ملڪ جي اندرين حالتن تي به نظر رکڻ گهرجي ته تازو ڪي پي ڪي جي شهرن بنون ۽ اڪوڙا خٽڪ ۾ ڇا ٿيو؟ اسان کي ذهن نشين هجڻ گهرجي ته اولهه هجي يا اوڀر اڄ هجي يا سڀاڻو ڇا انسان تبديل ٿيو آهي؟ ان سوال جو جواب ڪنهن ماڻهوءَ وٽ ناهي ۽ ڏسون ٿا سڀ ناڪاري نموني ڪنڌ لوڏين ٿا ان جو مقصد ته اڄ به هن جديد دور ۾ انسان تبديل ناهي ٿيو. اڄ به انسان وحشتن جي نفسياتي سوچ جي هڪ ڄار ۾ ڦاٿل ڏسون ٿا. ٿورن ٿورن بي وزني ڳالهين سبب انسان وحشتن جو مظاهرو ڪندي هڪ ٻئي کي قتل ڪري ٿو. ننڍڙي دولت جي حوس خاطر ڦرلٽ ڪندي انسان جهڙي قيمتي شيءِ کي 100 سو واري گولي هڻي الله تعاليٰ جي تخليق کي ٽوڙي مقتول کي جنت جي ٽڪيٽ يعني اهو ماڻهو شهيد هجڻ سبب قبر جي عذاب کان به بچي وڃي ٿو پر قاتل لاءِ الله پاڪ دنيا ۾ مختلف بيماريون ۽ پريشانيون پيدا ڪندي ان جي گرد گهيرو ڏينهون ڏينهن سخت ڪري ٿو. جيڪڏهن انسان شيطان لعنتي سان ويڙهه ڪري ته دنيا ۾ اهو ڪامياب ۽ دولت جي نعمت سان به سرشار ٿي سگهي ٿو. بهرحال ڏينهون ڏينهن انسان تبديل ٿيڻ بجاءِ شيطاني دڳ تي هلي رهيو آهي. پوءِ صرف تباهي ۽ بربادي آهي!

انسان جي ڪاميابيءَ جو راز والله مع الصابرين ۽ باادب ۾ آهي. انسان پنهنجي واردات جو طريقو صرف تبديل ڪيو آهي. باقي فطرتي طور انسان ساڳئي حالتن ۾ آهي. جيئن صديون پهريان هو. اهو اڄ به ساڳئي حالت ۾ ٺاهيل آهي. جنهن تحت سندس کي تخليق ڪيو ويو هو. تهذيب ۽ تمدن جي ارتقا، انسان جي ذهانت ۽ صلاحيتن جو مظهر آهي. انسان جنهن جبلتن سان گڏ پيدا ٿيو ۽ ان جي تحريڪن سبب ان تهذيب کي ڪٿان کان ڪٿان پهچائي ڇڏيو آهي. اڳ غارن ۾ رهندڙ انسان جبلتن جو قيدي هو. انسان جديد دنيا کي اڏڻ جو ڪاريگر به آهي. ۽ دنيا ۾ عجيب شاهڪار جوڙي دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. الله تعاليٰ انسان کي ڪنهن مقصد لاءِ پيدا ڪيو آهي. ڪوبه انسان بي مقصد لاءِ دنيا ۾ نه آيو آهي. هر انسان دنيا ۾ هڪ ڊرامي ۾ فنڪار ۽ ڪردار طور ڪم ڪري رهيو آهي. انسان جي مرڻ کي اسين هڪ ڊرامي جون قسطون ختم ٿيڻ کي چئون ٿا يعني انسان ختم ڊرامو به ختم. ان ڪري اسان جنهن ڊرامي جا ڪردار آهيون ان ڊرامي جون قسطون صرف 70 کان 80 سال جون آهن پوءِ نالو نشان ختم. ان لاءِ ڇو ارڏائي ڪيون؟ ڇو وڏائي ڪيون؟ ڇو قتل و غارتگيري ڪيون. اهيو سڀ ڪجهه تڏهن ختم ٿيندا جڏهن اسين پنهنجي زندگي بابت غور و فڪر ڪريون. انسان اندر ۾ جيڪا طلب پهريان رکندو هو اڄ به اها ئي طلب رکيون پيو اچي. ان ۾ ڪابه فطري اتقا نه آهي.

جيڪڏهن انسان ڪالهه به ظالم هو ته اڄ به مختلف روپن ۾ ظالم ۽ جاهل آهي اخلاق جو سمورو تصور انهن ئي جبلتن مان ٻوٽي جيان ڦٽي نڪتو آهي. آخرڪار انسان ۽ سماج ڪهڙي طرح فسادن کان محفوظ رهي سگهي ٿو؟ اخلاق ويچارو ان سوال جي جواب ۾ جبلتن سان گڏ جنم ورتو آهي ۽ خير جي طرف سندس فطري نياز نوڙت آهي. اهو بهتر نموني ڄاڻي ٿو ڇا بهتر آهي ۽ ڇا غلط آهي. اخلاق کان سواءِ ڪابه شيٰ اعليٰ ۽ آتم ڪٿي آ؟ اخلاق جو سهارو وٺندي انسان ٻين لاءِ پنهنجي اندر ۾ خير رکي ڪاميابيون ماڻي سگهي ٿو. رياضت ڪرڻ عبادت کان وڏو درجو رکي ٿي. نياز نوڙت کي جيڪڏهن انسان نصب العين بڻائي. ننڍي وڏي سان آدب سان پيش اچي ۽ والله مع الصابرين جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان جهلي وٺي ان کان اڃان به وڌيڪ ڪاميابيءَ جو نسخو جيڪو ڪالم وسيلي شيئر ڪرڻ چاهيان ٿو ته پنهنجي والدين کي رنج نه ڏيو. هميشه انهن سان ڳالهائڻ وقت مسڪرايو. روزانو پنهنجي امڙ کي پيرن تي هٿ رکي دنيا جي ڪم سانگي گهران نڪرو انشاء الله  توهان ڪامياب ٿي گهر موٽندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.