سوشل ميڊيا تي هڪ مختصر ويڊيو ڪلپ منهنجي نظرن اڳيان گذريو، يقين ڄاڻو ته ان کي پورو ڏسڻ جي مون کي همت ئي ڪانه ٿي، جنهن کان پوءِ آئون هڪ عجيب ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي ويس ۽ طبيعت تي بي چيني ۽ اداسي جي لهر طاري ٿي وئي، جا ختم ٿيڻ بدران مسلسل برقرار رهندي پئي اچي. هونئن ته سوشل ميڊيا تي روزانو ڪيئي خبرون پڙهڻ ۽ ڪيترائي ويڊيوز ڏسڻ لاءِ ملندا آهن، جن مان ڌيان ڇڪيندا آهن ته ڪي وري بنهه نظرانداز ڪري ڇڏبا آهن پر ڄاڻايل ويڊيو ڪلپ ڏسندي ئي منهنجي اکين مان بي اختيار ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ آئون اڃا تائين ان جي اثر کان آجو ٿي ناهيان سگهيو.
آئون جنهن ويڊيو ڪلپ جو اوهان سان ذڪر ڪري رهيو آهيان، اهو اوهان مان به ڪنهن شايد ڏٺو هجي، ڇو ته ڄاڻايل ويڊيو تمام تيزي سان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهي. مون کي خبر ناهي ته ان جو اوهان تي به ڪو اثر پيو هوندو، يا نه پر ان منهنجي دل کي تڙپائي وڌو آهي. ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ تازي قبر مٿان چار ٻارڙيون، جن جي عمر اٽڪل ستن کان پندرهن سالن جي لڳ ڀڳ ٿيندي ۽ هڪ معصوم ٻالڪ، قبر جي مٿان روئيندي رئندي چئي رهيا آهن ته:
بابا! تون اسان کي هتي ڪنهن جي سهاري ڇڏي وڃي قبر ۾ آرامي ٿيو آهين، توکان پوءِ اسان جي ڀلا ڪير سار لهندو؟
ان ويڊيو متعلق معلوم ٿيو آهي ته اها قبر، نصير آباد واسي پوليس اهلڪار ذوالفقار جوڻيجي جي آهي، جنهن کي سندس اعليٰ آفيسرن نوڪري تان غير حاضر رهڻ سبب برطرف ڪري ڇڏيو هو، ڄاڻايل پوليس اهلڪار پنهنجي بحالي لاءِ وڏا حيلا هلايا، وس وارن جا در کڙڪايا، پر ڪٿان به سندس داد رسي نه ٿي ۽ نيٺ دلبرداشته ٿي هُن آپگهات ڪري ڇڏيو، جنهن بابت سُڌ پئي آهي ته سندس ڇهه نياڻيون ۽ هڪ صغير پٽ آهي، جنهن جي دل ۾ سوراخ هجڻ سبب ان جو مهانگو علاج هلندڙ هو.
اهڙي طرح ڪراچي پريس ڪلب جي اڳيان گذريل ٻن مهينن کان پنهنجي معصوم ٻارن ۽ بيمار گهرواريءَ سميت احتجاج تي ويٺل گهوٽڪي ضلعي جي جروار واسي برطرف پوليس اهلڪار امان الله بوزدار جي پڻ ڪير به واهر ڪرڻ ۽ سندس وارتا ٻڌڻ وارو ناهي. امان الله بوزدار جنهن پوليس ڊيپارٽمنٽ ۾ 17 سال سروس سنڌ جي اهڙن خطرناڪ علائقن يعني ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعن ۾ ڪئي، جن کي جيڪڏهن پوليس جو ’مقتل گاهه‘ چئجي ته ڪو وڌاءُ نه ٿيندو.امان الله بوزدار جا چار ٻارڙ آهن، هڪ ڌيءَ ۽ ٽي پٽ. جن جي عمر پنجن کان ٻارنهن سالن تائين مس ٿيندي، جڏهن ته سندس جوءِ، جيڪا، بيمار آهي ۽ وٽس ميڊيڪل ريڪارڊ به موجود آهي، پڻ احتجاج تي ساڻس گڏ ويٺل آهي. امان الله ٻڌايو ته گهرواريءَ جي بيماري سبب مان ڪجهه مهينا پنهنجي نوڪريءَ تان غير حاضر رهيس، ڇاڪاڻ ته گهرواريءَ جي ناچاڪيءَ سبب مون کي هفتي ٻه ڀيرا سکر يا رحيم يار خان جي اسپتالن ۾ وڃڻو ٿي پيو. جڏهن ته مون وٽ گهرواريءَ جي بيماري جي سڄو ميڊيڪل ريڪارڊ به موجود آهي، ان هوندي به مون کي ڪو نوٽيس ڏيڻ ۽ تنبيهه ڪرڻ جي بنا ئي اعليٰ آفيسرن برطرف ڪري سروس تان ئي ڊسمس ڪري ڇڏيو ۽ هاڻ نه ته مون کي وضاحت ڪرڻ جو ڪو موقعو ڏنو وڃي ٿو ۽ نه ئي منهنجي ڪير اپيل به ٻڌڻ لاءِ تيار آهي.
امان الله بوزدار جا ٻار جيڪي گذريل ٻن مهينن کان ڪراچي پريس ڪلب جي اڳيان ڦٽ پيري تي ويٺل آهن، جڏهن مون کين اسڪول جي ڪاپين تي لکندي ۽ نصابي ڪتاب پڙهندي ڏٺو، جيڪي هو پاڻ سان گڏ کڻي آيا آهن، ته منهنجي جيءَ کي جهٻو اچي ويو ۽ منهنجي اکين اڳيان نصيرآباد واري ويڊيو ڪلپ جا منظر گردش ڪرڻ لڳا.
اها ڳالهه مڃڻ جهڙي آهي ته ڄاڻايل پوليس اهلڪارن مرحوم ذوالفقار جوڻيجي ۽ امان الله بوزدار پنهنجي ڊيوٽي نڀائڻ ۾ ضرور ڪا غفلت ڪئي هوندي، جنهن سبب سندن آفيسرن کين سزا ڏيندي برطرف ڪيو هوندو. پر سزا جا به ڪيئي طريقا هوندا آهن، جيڪا ڊيپارٽمينٽ جي اندر ئي رهي سلسليوار ڏيڻ گهرجي. پر سروس تان ڊسمس ڪرڻ وارو آپشن آخري هجڻ گهرجي ۽ اهو ان صورت ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي، جڏهن ڪنهن پوليس اهلڪار کي ڪرمنل ۽ تخريبي سرگرمين ۾ ملوث ڏٺو وڃي، جنهن سان پوليس جي ساک خراب ٿئي ۽ قوم ۽ وطن کي نقصان پهچڻ جو ڪو انديشو هجي. پر شروع ۾ ئي آخري آپشن جو استعمال، يعني ڪنهن کي بنا ڪنهن سنگين الزام جي محض نوڪريءَ تان غير حاضر رهڻ سبب سروس تان ئي ڊسمس ڪري سندس ٻچن جي وات جو گرهه کسڻ واري ايتري سخت ۽ غير مهذب سزا به نه ڏيڻ گهرجي جنهن سان ڪير پاڻ مارڻ تي مجبور ٿي پئي، مون کي خدشو آهي ته امان الله بوزدار سان جيڪو ورتاءُ اختيار ڪيو پيو وڃي. جيڪو ٻن مهينن کان لڳاتار احتجاج تي ويٺل آهي پر ڪير به نه ته سندس ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار آهي ۽ نه ئي ڪو سندس مسئلي جي تدارڪ لاءِ تيار نظر اچي ٿو. ڪٿي هو به ذوالفقار جوڻيجي جهڙو ڪو انتهائي قدم نه کڻي، جيڪڏهن ان اهڙو ڪو عمل ڪيو ته ان جو ڪير ذميوار هوندو. ان جي ٻارن جي پالنا ۽ بهتر مستقبل جو ذمو ڪير کڻندو؟ ان لاءِ ضروري آهي ته سزا غفلت ڪندڙ پوليس اهڪارن کي ڏني وڃي سندن ڪٽنب کي نه.ان ۾ ئي مهذبپڻو ۽ انسانيت آهي.
ان ويڊيو متعلق معلوم ٿيو آهي ته اها قبر، نصير آباد واسي پوليس اهلڪار ذوالفقار جوڻيجي جي آهي، جنهن کي سندس اعليٰ آفيسرن نوڪري تان غير حاضر رهڻ سبب برطرف ڪري ڇڏيو هو، ڄاڻايل پوليس اهلڪار پنهنجي بحالي لاءِ وڏا حيلا هلايا، وس وارن جا در کڙڪايا، پر ڪٿان به سندس داد رسي نه ٿي ۽ نيٺ دلبرداشته ٿي هُن آپگهات ڪري ڇڏيو، جنهن بابت سُڌ پئي آهي ته سندس ڇهه نياڻيون ۽ هڪ صغير پٽ آهي، جنهن جي دل ۾ سوراخ هجڻ سبب ان جو مهانگو علاج هلندڙ هو.