سنڌ جي خلاف هلندڙ سازشن جو سلسلو ۽ مزاحمت جي تاريخ

تحرير: سامي ميمڻ

سنڌ دنيا جي انهن قديم خطن مان آهي، جتي محبت، امن، زراعت، واپار ۽ تهذيب جا بنياد هزارين سال اڳ رکيا ويا۔ موئن جو دڙو ۽ هڙاپا جهڙيون تهذيبون سنڌ جي فخر جو تاج آهن، جن انسانيت کي علم، هنر ۽ تمدن سيکاريو۔ پر هن خوشحال ۽ زرخيز ڌرتيءَ تي سدائين لالچي ماڻهن جون نظرون رهيون، جن دولت ۽ اختيار جي لالچ ۾ سنڌ تي بار بار ڪاهون ڪيون۔ انهن سازشن ۽ حملن خلاف سنڌ جي بهادر ماڻهن ۽ وطن پرست سورمن پنهنجيون زندگيون قربان ڪري هن قوم کي زنده رکيو۔ قدرتي وسيلن، دريائن ۽ بندرن جي ڪري سنڌ هميشه دنيا جي واپاري رستن جو مرڪز رهي۔ ايران، يونان ۽ هندستان جي سامراجي قوتن هن ملڪ تي حملو ڪيو۔ راجا چچ، راءِ ڏاهر، ساهسي سورهيه ۽ مڪاني قبيلن پنهنجي ڌرتيءَ جي دفاع لاءِ وڙهيا۔712ع ۾ جڏهن محمد بن قاسم جو لشڪر سنڌ ۾ داخل ٿيو ته راجا ڏاهر پنهنجي وطن لاءِ دليري سان مقابلو ڪيوکيس خبر هئي ته لشڪر وڏو آهي پر پوءِ به شڪست قبول ڪرڻ بدران شهادت کي ترجيح ڏنائين۔ ڏاهر جي اها بهادري سنڌ جي تاريخ ۾ وطن سان وفاداريءَ جي علامت بڻجي وئي۔ محمد بن قاسم کان پوءِ سنڌ تي عرب حڪمرانن جو تسلط رهيو، پر وقت سان گڏ سومرن ۽ سمن قبيلي سنڌ جي آزادي ٻيهر بحال ڪئي۔ سومرا حڪمرانن مڪلي ۽ ٺٽي کي علم ۽ عدل جو مرڪز بڻايو۔

دودي سومرو جي بهادري سنڌ جي لوڪ ڪهاڻين ۾ اڄ به زنده آهي، جنهن پنهنجي ڌرتي لاءِ آخري رت جو ڦڙو به قربان ڪيو۔ پوءِ جڏهن سمن حڪمرانن سنڌ جو ڪنٽرول سنڀاليو ته ڄام نندو، ڄام تماچي ۽ ڄام نظام الدين سمن جهڙن حڪمرانن سنڌ کي امن، علم ۽ واپار جو گهوارو بڻايو۔ ڄام نظام الدين سمن پنهنجي عدل ۽ حڪمت لاءِ دنيا ۾ مشهور ٿيو۔ مغلن جي دور ۾ به سنڌ کي غلام بڻائڻ جون ڪوششون جاري رهيون، پر سنڌ جي سورمن مزاحمت جاري رکي۔ ڪلهوڙن ۽ پوءِ ٽالپرن سنڌ جي حڪمراني سنڀالي۔ مير بجر خان ٽالپر، مير صوبدار خان، مير نصير خان، مير مراد علي خان ۽ ٻين سورمن مغلن ۽ پوءِ انگريزن جي خلاف ويڙهه ڪئي۔ خاص طور تي 1843ع ۾ مياڻي ۽ دٻي جي جنگ سنڌ جي بهادر سپاهين جي قربانين جو يادگار باب آهي، جتي مير نصير خان ٽالپر ۽ سندس ساٿين انگريزن جي فوج سان بهادري سان مقابلو ڪيو۔

 جيتوڻيڪ انگريز جديد هٿيارن سان ليس هئا، پر سنڌين جي بهادري ۽ غيرت تاريخ ۾ امر ٿي وئي۔ انگريزن جي قبضي بعد سنڌ جي وسيلن، زراعت ۽ بندرن تي اجنبي حڪمراني قائم ٿي۔ پر سنڌين خاموشي قبول نه ڪئي۔ حاجي عبدالله هارون، پير الاهي بخش، جي. ايم. سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، حسان علي ۽ حاتم علوي جهڙن اڳواڻن سنڌ جي سياسي سڃاڻپ ۽ خودمختياري لاءِ جدوجهد شروع ڪئي۔1936ع۾ سنڌ کي بمبئي کان الڳ ڪري صوبي جو درجو ڏيارڻ سنڌين جي سياسي ڪاميابي هئي، جنهن سان قومي شعور کي نئون جنم مليو۔1947کان پوءِ به سنڌ جي وسيلن تي مرڪزي تسلط جاري رهيو۔ پاڻيءَ جي ورهاست، ٻوليءَ سان ٻه اکيائي ۽ معاشي محروميءَ خلاف سنڌين جدوجهد جاري رکي۔ جي. ايم. سيد جي قيادت ۾ جيئي سنڌ تحريڪ سنڌ جي قومي سڃاڻپ لاءِ فڪري ۽ سياسي جدوجهد ڪئي۔ رسول بخش پليجو جي عوامي تحريڪ، ايم. اين. عباسي، عبدالمجيد سرهي ۽ انور پيرزادو جهڙن ڪارڪنن جي جدوجهد سنڌ جي سياسي شعور کي زنده رکيو۔ ان سان گڏ سنڌياڻي تحريڪ جهڙين تنظيمن عورتن کي سياسي ميدان ۾ آندو ۽ شاعري، ادب ۽ صحافت سنڌ جي قومي تحريڪ جو حصو بڻيا

هاڻي دنيا ٽيڪنيڪل ۽ انفارميشن واري دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي ڌرتيءَ جي بقا لاءِ تلوار نه پر قلم، تحقيق، سائنس، ۽ ميڊيا نوان هٿيار آهن۔ سنڌ جا نوجوان، دانشور ۽ صحافي هاڻي سوشل ميڊيا، تعليمي ادارن ۽ قانوني جدوجهد ذريعي پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارين ٿا۔آئيني جي ترمين وسيلي ٿيندڙ حملن پاڻي، وسيلن، ٻولي، ماحول ۽ تعليم تي جدوجهد جاري رکڻ گهرجي ۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.