سعودي- آمريڪا جو معاهدو اسرائيل کي پريشان ڪري سگهي ٿو؟

آمريڪا ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۾ ڪيترن ئي موقعن تي حساس مسئلا اڀرندا رهيا آهن ـ دفاعي معاهدن کان وٺي هٿيارن جي خريداري ۽ اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪرڻ بابت ڳالهيون وقت بوقت سامهون اينديون رهيون آهن۔ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي واشنگٽن جي دوري ۾ هاڻي صرف ٻه هفتا باقي آهن ۽ اهڙي موقعي تي رياض پاران آمريڪا کان جديد F-35 جنگي جهاز خريد ڪرڻ جو معاملو ٻيهر سامهون آيو آهي۔ هن سلسلي ۾ ٻه اهم ڳالهيون سامهون آيون آهن: پهرين ته اربين ڊالرن جي هن معاهدي کي آمريڪي دفاعي وزارت (پينٽيگن) منظور ڪري چڪي آهي ۽ ٻيو ته اعلان ٿي چڪو آهي ته معاهدي تحت سعودي عرب کي 48 جهاز وڪرو ڪيا ويندا۔

سعودي تجزيه نگار مبارڪ العطيا جو چوڻ آهي ته سعودي عرب ڄاڻي ٿو ته اهڙن معاهدن لاءِ قانوني منظوري لازمي آهي، جنهن ۾ آمريڪي ڪانگريس جي رضا پڻ شامل آهي۔ بي بي سي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪانگريس کي قائل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اهو معاهدو اڳتي وڌي سگهي ٿو۔ العطيا ان ڳالهه کان انڪار نه ڪيو ته هن معاهدي سان گڏ آمريڪي ڊيموڪريٽس ۽ ڪانگريس ميمبرن طرفان سعودي عرب تي اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويندو۔

هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي صدر جو اهو خيال آهي ته سعودي عرب هڪ اهم اسٽرٽيجڪ اتحادي آهي، تنهن ڪري ان جون دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ آمريڪي پرڏيهي پاليسي لاءِ ضروري آهن۔ العطيا ياد ڏياريو ته صدر ٽرمپ اڳ به چئي چڪو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا سعودي دفاعي گهرجن کي نظرانداز ڪندو ته رياض چين يا روس ڏانهن رخ ڪري سگهي ٿو۔ جيڪڏهن نتيجو ڪڍجي ته F-35 جهازن جو معاهدو آمريڪي پاليسي ۾ هڪ اهم تبديلي بڻجي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ان سان وچ اوڀر ۾ اسرائيل جي فوجي برتري محدود ٿي سگهي ٿي۔ البته اهو به ممڪن آهي ته سعودي عرب سان معاهدي ۾ اهڙا شرط رکيا وڃن جيڪي اسرائيل جي برتري برقرار رکن۔ العطيا موجب صدر ٽرمپ هن معاهدي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پرجوش آهن، ڇو ته هو ڄاڻي ٿو ته سعودي قيادت جا علائقائي توسيعي ارادا ناهن۔ هن چيو ته سعودي عرب ڪيترن ئي پاڙيسري ملڪن جي ابتڙ، ڪيئي ڏهاڪن کان توسيع پرستي کان پاسو ڪيو آهي ۽ اها ڳالهه صدر ٽرمپ کي به خبر آهي۔

هن ڊيل بابت ڳالهيون اڳوڻي صدر جو بائيڊن جي دور ۾ به ٿيون هيون، پر ان جي انتظاميا ان کي اسرائيل سان لاڳاپا معمول تي آڻڻaz واري جامع معاهدي سان جوڙي ڇڏيو هو۔ پر حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ 7 آڪٽوبر 2023 جي واقعن کان پوءِ اهي ڪوششون رڪجي ويون۔ ماهرن جو خيال آهي ته واشنگٽن پاران رياض کي F-35 جهاز ڏيڻ اسرائيل لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي سگهي ٿو۔ اسرائيلي ميڊيا مطابق اهڙو معاهدو اسرائيل جي سلامتي لاءِ خطرو ٿي سگهي ٿو، خاص طور تي جيڪڏهن سعودي عرب سان لاڳاپن کي بهتر نه ڪيو ويو۔ العطيا موجب، سعودي عرب جا قومي ۽ عربي اصول واضح آهن ـ انهن ۾ سڀ کان اهم فلسطيني مسئلو آهي، جنهن کان سعودي عرب پوئتي هٽڻ جو ارادو نٿو رکي۔ سعودي موقف اهو آهي ته 1967ع جي سرحدن مطابق هڪ آزاد فلسطيني رياست جو قيام، مشرقِ وسطيٰ ۾ ڪنهن به امن ڳالهه ٻولهه لاءِ بنيادي شرط آهي۔ اسرائيل کي خدشو آهي ته سعودي عرب F-35 ٽيڪنالاجي روس، چين يا ايران سان شيئر ڪري سگهي ٿو، جنهن سان ايران مٿان اسرائيل جي برتري متاثر ٿي سگهي ٿي۔

اهڙا خدشا 2020ع ۾ به اڀريا هئا جڏهن آمريڪا ابراهم معاهدي دوران متحده عرب امارات کي F-35 جهاز ڏيڻ وارو هو، پر اهو معاهدو ٽيڪنالاجي جي ليڪ ٿيڻ بابت خدشن سبب اڳتي نه وڌي سگهيو۔ صدر ٽرمپ جي ٻي مدي دوران آمريڪا ۽ سعودي عرب وچ ۾ 600 ارب ڊالرن جي وڏي دفاعي ڊيل تي به صحيون ٿيون، جنهن کي واشنگٽن جي تاريخ جو سڀ کان وڏو دفاعي معاهدو قرار ڏنو ويو۔ پر F-35 جهازن جو اصل امتحان اڃا به آمريڪي ڪانگريس ۾ رهجي ويو آهي۔ العطيا موجب، سعودي-آمريڪا لاڳاپن جي خاص ڳالهه اها آهي ته ٻنهي ڌرين سڀني معاملن تي کلي ڳالهه ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿيون ۽ اختلاف کي لاڳاپن جي رستي ۾ رنڊڪ نٿيون بڻائين۔ هن چيو ته ولي عهد جو ايندڙ واشنگٽن دورو صرف هٿيارن جي خريداري تائين محدود نه هوندو، پر ان جو مقصد سياسي ۽ معاشي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ آهي۔ العطيا جو وڌيڪ چوڻ آهي ته سعودي عرب F-35 سميت مختلف دفاعي آپشنز تي ڪم ڪري رهيو آهي، ۽ جيڪڏهن معاهدو مڪمل نه به ٿيو ته به دوري جي ڪاميابي تي اثر نه پوندو۔

هن چيو ته رياض جو اصل مقصد هڪ جامع دفاعي معاهدو آهي، جنهن تحت ڪنهن به حملي جي صورت ۾ آمريڪا سعودي عرب جي حفاظت جو پابند هجي۔

هاڻي سوال اهو آهي ته ڇا سعودي عرب، قطر جيان، آمريڪا سان صرف هڪ صدارتي حڪم (Executive Order) واري معاهدي تي مطمئن ٿيندو ـ جيڪو هر نئين آمريڪي انتظاميا سان تبديل ٿي سگهي ٿو؟ يا وري رياض هڪ اهڙي باضابطا دفاعي معاهدي جو مطالبو ڪندو، جيڪو آمريڪي صدر جي تبديليءَ کان متاثر نه ٿئي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.