اپوزيشن اتحاد جو 27هين ترميم خلاف ملڪ گير تحريڪ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو) مخالف ڌر اتحاد تجويز ڪيل 27 هين آئيني ترميم خلاف ملڪ گير تحريڪ جو اعلان ڪيو آهي. تحريڪ جو اعلان مخالف اتحاد جي سربراهه محمود اچڪزئي ۽ علاما راجا ناصر عباس ڪيو. علاما ناصر عباس جو چوڻ آهي ته قوم کي 27 هين آئيني ترميم خلاف اٿڻ گهرجي. مخالف اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته آئين رياست  ۽ رهواسين جي وچ ۾ هڪ سول معاهدو آهي. مون کي پنج ڀيرا آئين جي حفاظت جو قسم کڻايو ويو آهي. ماڻهو اهو به پڇندا رهيا ته تحريڪ ڪڏهن شروع ٿيڻ گهرجي. جنهن طريقي سان اهي آئين جي بنيادن کي لوڏي رهيا آهن، ان کان سواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. محمود اچڪزئي چيو ته اسان جي ملڪ گير تحريڪ اڄ رات کان شروع ٿيندي. اسان جو واحد نعرو هوندو: جمهوريت زندا باد، آمريت مردا باد. اسان جو ٽيون نعرو قيدين جي آزادي بابت هوندو. اسان چونداسين ته پاڪستان جا ماڻهو جيڪو به چاهين ٿا، فيصلو ساڳيو هوندو. اسان چونداسين ته آئين سپريم آهي ۽ پارليامينٽ طاقت جو سرچشمو هوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.