اسلام آباد (بيورو) ملڪ جي صدر کان پوءِ وزيراعظم کي پڻ فوجداري ڪيسن کان ڇوٽ ڏيڻ واري ترميم اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ پيش ڪئي وئي، ذريعن موجب ترميم سينيٽر انوشا رحمان ۽ سينيٽر ظاهر خليل ساندھو پاران گڏيل طور پيش ڪئي وئي، ترميم موجب آئين جي آرٽيڪل 248 ۾ صدر سان گڏ لفظ وزيراعظم پڻ شامل ڪيو ويندو، ترميم منظور ٿيڻ بعد وزيراعظم خلاف مدي دوران فوجداري ڪارروائي ممڪن نه هوندي.