اسلام آباد(مطيع الله جان+ثاقب بشير)27هين ترميم سان حڪومت پنهنجا هٿ پير پاڻ ئي ڪٽي رهي آهي،حڪومت مڪمل عدالتي نظام تي قبضو ڪري چڪي آهي.هڪ اهم ڳالهه اها آهي ته بلاول ڀٽو زرداري کي هڪ هيرو طور پيش ڪيو پيو وڃي، ته هن صوبائي خودمختياري جو تحفظ ڪيو. پر اصل ڪم، يعني آرٽيڪل 243 بابت، بلاول پهريان ڏينهن ئي چيو هو ته اسان ان سان اتفاق ۾ آهيون.هن آرٽيڪل تحت فيلڊ مارشل کي آئيني تحفظ ملندو، ۽ صدر مملڪت کي تاحيات تحفظ فراهم ڪيو ويو آهي.73ع جي آئين کي پيپلزپارٽي پاڻ ئي ختم ڪري رهي آهي. پيپلزپارٽي هن ترميم ذريعي پنهنجو مقصد حاصل ڪري رهي آهي، جنهن ۾ صدر ۽ اسٽيبلشمينٽ کي مڪمل تحفظ حاصل آهي.سپريم ڪورٽ جا ڪيترائي جج ۽ عدالتي عملدار هن عمل ۾ سهولتڪار بڻيا آهن، جنهن سبب عدليه وڌيڪ نقصان ۾ رهي آهي.هي عمل سياسي بزدلي ۽ پارليامينٽ جي نااهلي جو ثبوت آهي. عدليہ جو ڍانچو مڪمل طور تي تباهه ڪيو ويو آهي، ۽ عوام کي انصاف حاصل ڪرڻ ۾ مشڪل ٿيندي.خلاصو اهو آهي ته 27هين آئيني ترميم اسٽيبلشمينٽ جي مستقبل جي سياسي ڪردار لاءِ بي ضابطگي ۽ تحفظ فراهم ڪري ٿي، ۽ عدليه جي آزادي ۽ پارليامينٽ جي خودمختياري کي مڪمل طور تي ختم ڪري ٿي.