فضل الرحمان جي صدر زرداري ۽ بلاول سان ملاقات

ڪراچي (رپورٽر) جي يو آءِ (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ پي پي پي  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ موجود هو. بلاول هائوس ڪراچي ۾ ٿيل هن اهم ملاقات ۾ 27هين ترميم سميت ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي تفصيلي بحث ڪيو ويو.ٻنهي ڌرين سياسي معاملن تي پنهنجا خيال ظاهر ڪيا ۽ پارلياماني معاملن سان لاڳاپيل مختلف تجويزن تي پڻ بحث ڪيو. ملاقات خوشگوار ماحول ۾ ٿي. ان کان اڳ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب ملاقات ۾ 27هين آئيني ترميم جي حوالي پ پ جي خدشن ۽ اعتراضن تي ڳالهيون ٿيون. صدر آصف علي زرداري، وفاقي گهرو وزير کي سي اي سي جي فيصلن کان آگاهه ڪيو.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.