اسلام آباد (بيورو) 27هين آئيني ترميم جي معاملي تي اتحادي پارٽين طرفان مسودي ۾ تجويزون شامل ڪرڻ ۽ ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي. صدر خلاف تاحيات ڪو به ڪيس نه ٺاهڻ جي ترميم به نئين آئيني مسودي ۾ شامل ڪئي وئي. آرٽيڪل 248 ۾ تجويز ڪيل ترميم موجب صدر خلاف تاحيات ڪو به ڪيس نه ٺهندو، صدر کي گرفتار ڪرڻ يا سزا ڏيڻ جو ڪو عمل به نه ڪري سگهبو. گڏيل پارلياماني ڪميٽي ۾ پ پ اهو مطالبو ڪيو.جڏهن ته گورنر به مدي دوران آجو هوندو