ملير ڪينٽ بازار ۾ دڪان سيل ڪرڻ خلاف درخواست، ڌرين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس فيصل ڪمال عالم تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ملير ڪينٽ بازار ۾ دڪانن کي غيرقانوني طور تي سيل ڪرڻ  خلاف شهري جي درخواست ٻڌڻي ٿي، عدالت چيو ته في الحال درخواست گذار جي خلاف  ڪا به ڪارروائي نه ڪئي وڃي، ايندڙ ٻڌڻي لاءِ ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ ڌرين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، عدالت چيو ته درخواست گذار اين او سي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ رسمون پوريون ڪرڻ گهرجن، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته جڏهن اسان کي اين او سي لاءِ آفيس وڃڻو پيو ته اسان کي اين او سي ڏيڻ کان روڪيو ويو، ٻئي ڏينهن، ڌر پنهنجي آفيس ۾ فون ڪري ڌمڪيون ڏنيون ۽ ڪرايو وڌائڻ لاءِ چيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.