غوثپور (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي) غوثپور پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ خان محمد سبزوئي ۾ سبزوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، فائرنگ سبب نوجوان غلام ياسين سبزوئي قتل ٿي ويو، ڌريون مورچابند ٿي ويون، لاش کڻائي غوثپور جي رورل هيلٿ سينٽر پهچايوويو، پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتول جي ڀاڄائي مسمات نظيران خاتون سبزوئي جي فرياد تي غوثپور ٿاڻي تي بابن حاڪم رياض ابراهيم سميت 2 نامعلوم جوابدارن سميت 11 ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو، ھٿياربندن هٿان قتل ٿيل نوجوان غلام ياسين سبزوئي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري ڳوٺ خان محمد سبزوئي ڀرسان جوابدارن جي گهرن تي چڙهائي ڪئي, جوابدار پوليس جي خوف کان گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او غوثپور چيو ته جلد قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، مقتول جي ڀاءُ چيو ته اسان پنهنجي زمين تي پهتاسين ته پنهنجي ئي برادري جي ھٿياربندن حملو ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني، ڀاءُ قتل ٿي ويو، انصاف ڪيو وڃي.