پڪا چانگ ڀرسان خوفناڪ حادثو، امڙ ٽن معصوم ٻارن سوڌو فوت، ڌرڻو

فيض گنج (رپورٽ: ظھير خاصخيلي) فيض گنج پڪاچانگ ڀرسان تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل سوار ڪٽنب کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، ماءُ ٽن معصوم ٻارڙن سميت فوت، ٻارڙن جو والد مرڻينگ،  ٽرالر فرار، وارثن، شهرين ۽ وڪيلن پاران احتجاجي مظاهرو، حادثي واري هنڌ لاش رکي ڌرڻو، ٽريفڪ معطل، پڪاچانگ ڀرسان مهراڻ هاءِ وي تي سلطان ڪوٽ اسٽاپ وٽ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جتي ٽرالر موٽر سائيڪل سوار خاندان کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، فوتين ۾ ڳوٺ پارل خان شر واسي عورت اميران زال علي رضا، معصوم ٻارڙا 7 ورهين جو شيراز، 6 سالن جو ڪرم، 4 ورهين جو ارحم شامل آهن، جڏهن ته ٻارڙن جو والد علي رضا شديد زخمي ٿي پيو آهي، افسوسناڪ روڊ حادثي بعد فوتين جي وارثن، شهرين، وڪيلن پاران فوتين جا لاش رکي مهراڻ هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، جتي حادثي ۾ فوت ٿي ويل ٽن معصو ٻارڙن ۽ عورت جي لاش رکي احتجاج ڪيو ويو،جنهن جي نتيجي ۾ مهراڻ هاءِ وي تي ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل بڻجي وئي، مڇريل ماڻهن سوين ٽرالرن ٽرڪن جا شيشا ٽوڙي ڇڏيا، وارثن ۽ شهرين دانهيو ته ڪيترن ئي مهينن کان مهراڻ هاءِ وي تان گذرندڙ هيوي ٽريفڪ تي پابندي لاڳو ٿيل آهي، سنگل ٽريڪ روڊ هجڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آهن ڪيتريون ئي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.