اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۽ افغان طالبان حڪومت وچ ۾ استنبول ۾ ڳالهيون جاري آهن. قطر ۽ ترڪيي جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل ڳالهين ۾ پاڪستان گذريل ڏينهن افغان سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي جا ثبوت ٽياڪڙن جي سامهون پيش ڪيا. پرڏيهي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغان طالبان انتظاميا وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، پاڪستان دهشتگردي بابت رد نه ڪرڻ جوڳا ثبوت ۽ پنهنجا مطالبا ٽياڪڙن حوالي ڪري ڇڏيا آهن، ڳالهين ۾ ڊيڊلاڪ ناهي، سوشل ميڊيا، خاص طور تي افغان اڪائونٽس وٽان هلندڙ خبرن تي ڌيان نه ڏنو وڃي. . هفتيوار بريفنگ ۾ هن ٻڌايوته ڳالهين ۾ ٽياڪڙن پاڪستان جي موقف جي تائيد ڪئي آهي. پاڪستان جو واضح موقف آهي ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ سهڪار چاهي ٿو جڏهن ته دهشتگردي جي حوالي سان ڪنهن قسم جي نرمي يا سوديبازي ممڪن ناهي. سندس چوڻ هو ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪنهن صورت قبول نٿي ڪري سگهجي. پاڻي پاڪستان لاءِ بقا جو معاملو آهي ۽ پاڪستان پنهنجي پاڻي جي حقن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن اپاءَ وٺندو.