ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته سنڌ حڪومت جو جديد اي چالان سسٽم هڪ لاجواب ٽيڪنالاجي آهي، جيڪا غير معمولي ڪاميابيون ماڻي رهي آهي ۽ ان جي سڀ کان وڏي خاصيت ان جو بي داغ ۽ غير جانبدار هجڻ آهي. تازو جڏهن ٽريفڪ جي ڊي آءِ جي جي پنهنجي سرڪاري گاڏي کي ڏهه هزار رپيا ڏنڊ لڳو، تڏهن اهو انصاف پسنديءَ جي علامت طور ڏٺو ويو. اهو ثبوت هو ته نه ڪئمرو اکيون جهپڪائي ٿو، نه وڪامجي سگهي ٿو، نه ڌمڪائي، ۽ نه ئي ڪنهن اثر رسوخ کان متاثر ٿئي ٿو۔ اهڙي ملڪ ۾، جتي قانون اڪثر طاقت ۽ حيثيت جي آڙ ۾ دٻيل رهي ٿو، اتي اها مشيني غيرجانبداري ڪنهن انقلاب کان گهٽ ناهي۔ ڪئمري جي ايمانداري هڪ حقيقت آهي. جيڪڏهن ان جو صحيح استعمال ڪيو وڃي ته اها بدعنوانيءَ کان پاڪ رهي ٿي۔ پر خطرو هتي آهي ته ڪٿي اسين هن ٽيڪنيڪي شفافيت کي سٺي حڪمراني سان نه سمجهي ويهون، ڇاڪاڻ ته مسئلو ٽيڪنالاجي ۾ نه پر ان جي استعمال ۾ آهي۔ حقيقت ۾ حڪومت هڪ سٺو نظام اهڙي طريقي سان استعمال ڪري رهي آهي، ڄڻ چوي ٿي:”اسان شفاف نموني اوهان جي غلطيءَ تي ڪارروائي ڪنداسين، پر پنهنجون غلطيون لڪايون وينديو“ اهو هڪ سٺي نظام کي غير منصفاڻي نموني سان استعمال ڪرڻ جي ڪوشش آهي۔
اي چالان ڪو مڪمل اصلاحي منصوبو نه آهي، بلڪه آمدني گڏ ڪرڻ جو نظام آهي، جنهن کي ”پاليسي“ جو نالو ڏنو ويو آهي، ڇو ته ڀڳل ٽٽل روڊن جي مرمت ڪرڻ بدران ڪئمرا لڳائڻ آسان ڪم آهي۔ اي چالان جو نيٽ ورڪ واقعي ۾ هڪ طاقتور اصلاحي اوزار بڻجي سگهي ٿو۔ اهو ٽريفڪ جي وهڪري، حادثن ۽ خطري وارن هنڌن بابت اهم ڊيٽا فراهم ڪري سگهي ٿو۔ پر ان جا ڪي به ثبوت ناهن ته اها ڄاڻ ڪڏهن پبلڪ ورڪس ڊپارٽمينٽ يا شهري منصوبابنديءَ وارن ادارن تائين پهتي هجي۔ جيڪڏهن حڪومت هي ڊيٽا شهرين کي سزا ڏيڻ بدران انهن جي حفاظت لاءِ استعمال ڪري، ته ان سان هڪ آن لائين رڪارڊ ٺاهي سگهي ٿو، جيڪو عوام کي رڳو ڏنڊن جو حساب نه پر اهو به ڏيکاري ته اها رقم ڪٿي خرچ ٿي، ڪيترا ڀڳل ٽٽل روڊ ٺاهيا ويا، ڪٿي نيڪال جو نظام بهتر ٿيو۔ اهي آهن اهي قدم، جيڪي حقيقي شفافيت جو ثبوت ڏيندا۔ پر في الحال ته سڄي ڌيان جو مرڪز رڳو شهري آهن گاڏي هلائيندڙن تي ته ڪيمرا جي نظر آهي، جڏهن ته حڪومت پاڻ پسمنظر ۾ غائب آهي۔ اهو ٽٽل نظام ته ان جو ئي آهي، پر ان بابت جوابدهي ڪانهي۔
ڏٺو وڃي ته ٽيڪنالاجي پاڻ غيرجانبدار هوندي آهي.اهو انصاف کي اجاگر به ڪري سگهي ٿي ۽ دفن به۔ اي چالان شهرين جي هر غلطي کي ته بي داغ طريقي سان ظاهر ڪيو آهي، پر حڪومت جي ناڪامين کي لڪائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان کي ان لاءِ ٺاهيو ئي نه ويو آهي۔ سٺي حڪمرانيءَ جو مطلب اهو آهي ته ڪئمرا صرف خلاف ڀڃڪڙين کي نه پر پاليسيءَ کي به رهنمائي ڪن، ڏنڊ رڳو خزانو نه ڀرين پر رستن کي محفوظ به بڻائن ۽ شفافيت رڳو هيٺ نه پر مٿي تائين پهچي۔ جيستائين اهو نه ٿيندو، سنڌ جو اي چالان نظام صرف غلط رخ ۾ هلندڙ احتساب جي علامت بڻيل رهندو. اهو ياد ڏياريندو رهندو ته حڪومت پنهنجي شهرين کي ٽٽل نظام ۾ جيئڻ جي سزا ته ڏئي ٿي، پر ان نظام کي درست ڪرڻ جي ذميواري نه ٿي کڻي.