سيوھڻ (ن ع آ) منڇر ڍنڍ جي بند تي پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري 42 ورهين جي دين محمد ملاح کي قتل ڪيو ويو. سيوھڻ جي يوسي بوبڪ ۾ منڇر بند تي هڪ ڌر سان لاڳاپيل جوابدارن فائرنگ ڪئي ۽ دين محمد ملاح کي قتل ڪيو. علائقي جا رهواسي واقعي کي پراڻي تڪرار جو نتيجو قرار ڏئي رهيا آهن. مقتول جي مامي الهه بچايو ملاح مطابق، جوابدارن ۾ ذوالفقار ملاح، مالهي، غفور، رشيد، ۽ گل حسن ملاح شامل آهن. سندس الزام آهي ته مقتول جو پراڻي جھيڙي تي جوابدار ڌر سان تڪرار هو. ڊي ايس پي سيوھڻ فراز علي ميتلو موجب، پوليس واقعي جي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪارروائي جاري آهي. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن کان ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانيل هو.