ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص پوليس هٿان جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيس عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي هاءِ پروفائيل ڪيس جي ميرپورخاص جي دهشگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ ٻڌڻي پنهنجا دليل ڏيڻ لاءِ عمرڪوٽ کان ميرپورخاص جي عدالت ايندڙ ڪيس جي فريادي ابراهيم ڪنڀر ۽ سندس وڪيل تي عمرڪوٽ ميرپورخاص روڊ تي صوفي فقير لڳ نامعلوم هٿياربندن پاران سندن گاڏين تي مبينا طور قاتلاڻون حملو ڪندي گاڏي مٿان فائرنگ ڪري ڏني نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ فريادي ابراهيم ڪنڀر ۽ وڪيل معجزاني طور محفوظ رهيا، جڏهن ته عدالت ۾ اشتهاري 05 جوابدارن اڳوڻي ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد سونھارو جسڪاڻي 2 اڳوڻي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري، عمرڪوٽ ٿاڻي جي انسپيڪٽر عبدالستار سمون، عمرڪوٽ ٿاڻي جي پوليس اهلڪار لکمير ۽ محمد صديق جا اثاثا ضبط ڪرڻ ۽ سندن شناختي ڪارڊ بلاڪ ڪرڻ جي حوالي سان ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ جوابدار ڌر ۽ ايف آءِ اي پاران دليل ڏنا ويا جڏهن ته فريادي ڌر جي وڪيل تي حملو ٿيڻ سبب وڪيل وقت سر عدالت نه پهچي سگھيو آخري اطلاعن تائين عدالت ايندڙ ٻڌڻي 19 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، نامعلوم هٿياربندن پاران ٻڌڻي تي ميرپورخاص ايندڙ ڪيس جي فريادي ۽ وڪيل مٿان فائرنگ ڪرڻ واري واقعي جي حوالي سان ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر ڪيس جي فريادي وڪيل ابراهيم ڪنڀر بارڪائونسل ميرپورخاص ۾ صحافين کي حملي جي حوالي سان آگاهي ڏيندي چيو ته هو اي ٽي سي ڪورٽ ميرپورخاص ۾ پيش ٿيڻ لاءِ اچي رهيا هئا ته ميرپورخاص عمرڪوٽ روڊ تي صوفي فقير لڳ کين قتل ڪرڻ لاءِ سندن گاڏي تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن ۾ هو معجزاڻي طور محفوظ رهيا، هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر قتل ڪيس ۾ نامزد پوليس عملدار اهلڪار ۽ ٻيا تمام جوابدار ان حملي ۾ ملوث آهن هن چيو ته ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچندي ڏسي جوابدار ڌريون پريشان ٿي ويون آهن کين ان ڪيس ۾ واضح طور سزا ايندي ڏسي رهيا آهن جنهن بعد پهرين هنن اسان کي پئسن جي لالچ ڏني، انڪار ڪرڻ تي مختلف واسطيدار ۽ معزز ماڻهن جي هٿان راڄوڻي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجھندا رهيا اسان پاران انڪار ڪرڻ تي ۽ عدالت پاران فيصلي جو انتطار ڪرڻ جو چوڻ تي مڇرجي هنن اسان جي مٿان حملو ڪرايو آهي هن مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي وارثن، شاهدن، فريادي ۽ وڪيل کي رينجرز جي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي.