ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي ۾ 27 آڪٽوبر کان 5 نومبر تائين ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙين تي مجموعي طور 37 هزار 170 اي چالان جاري ڪيا ويا آهن۔ٽريفڪ پوليس جي انگن اکرن موجب،سڀ کان وڌيڪ 23 هزار 393 چالان سيٽ بيلٽ نه لڳائڻ تي ڪيا ويا،جڏهن ته 7 هزار 117 موٽر سائيڪل سوارن کي هيڊميٽ نه پائڻ تي چالان ڪيو ويو۔ان کان علاوه،اوور اسپيڊنگ جون 2 هزار 102 خلاف ورزيون،ريڊ سگنل ٽوڙڻ جا 1 هزار 818 ڪيس،موبائل فون استعمال ڪرڻ تي 1 هزار 100،ٽِنٽيڊ گلاس (اونداهي شيشن) تي 433، ۽فئنسي نمبر پليٽ رکندڙ 297 گاڏين تي به ڪارروائي ڪئي وئي۔ٽريفڪ ضابطن جي ٻين ڀڃڪڙين :293گاڏيون غلط طرف هلائڻ تي،265ڪيس ڇت تي مسافر ويهارڻ تي،۽ 191 ڊرائيورن کي نو پارڪنگ زون جي ڀڃڪڙي تي چالان ڪيو ويو۔پوليس موجب، انهن مان 2 هزار 504 چالان سيف سٽي ڪيمرائن ذريعي، جڏهن ته 25 هزار 590 چالان آءِ ٽي ايس سسٽم جي مدد سان جاري ڪيا ويا۔اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ جي حفاظت ۽ قانون تي عمل ڪرائڻ لاءِ اهڙي مهم مسلسل جاري رهندي۔