سکر/ميرپورماٿيلو/اوٻاوڙو/ڏهرڪي (نمائندا) اوٻاوڙو لڳ رانوتي جي ڪچي واري علائقي ۾ شر، سيلرا ۽ ڌونڌو ڌرين ۾ پراڻو قبيلائي خوني تڪرار ٻيھر ڀڙڪي ڀيو. شر برادري جي 20 کان وڌيڪ ھٿياربندن صبح سوير ڳوٺ محبوب سيلرو ۽ مير ڌنڌو تي ڪاهه ڪري ڪري راڪٽ لانچرن ۽ جديد ھٿيارن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني. حملن ۾ سيلرا ڌر جا محمد ابراهيم، حنيف، صحبت، عبدالحميد، شوڪت، راجو سيلرو، ڌنڌو ڌر جا اياز ۽ علي گوهر مارجي ويا. زخمين ۾ سيلرا ڌر جا ڄام، دلبر، عظيم، قائم، نديم سيلرو، ڌونڌو ڌر جا فيض الله ڌونڌو ۽ ھڪ عورت شامل آهن. ويڙهاند دوران پوليس اهلڪار امجد ڊرگهه شهيد ٿي ويو جڏهن ته خليل لغاري ۽ زوار بوهڙ زخمي ٿي پيا. مقتولن جي وارثن لاشن۽ زخمين کي ڳجهن رستن ذريعي راونتي ٿاڻي پهچايو جتان لاش اوٻاوڙو اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته زخمين کي تعلقي اسپتال مان طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو. چئن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. سمورو ڏينهن جديد هٿيارن سان فائرنگ سبب علائقو جنگ جو نوگو بڻيل رهيو ۽ علائقي ۾ ڏهڪاءَ واري صورتحال رهي.علائقن جا رهواسي گهرن تائين محدود ٿي ويا. ياد رهي ته ٽنهي ڌرين۾ تڪرار تان ڪيترائي ماڻهو قتل ۽ زخمي ٿي چڪا آهن. واقعي جو ڪو ڪيس داخل يا ڪا گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي.
شر گينگ جا پوليس چوڪين تي حملا، وڌيڪ حملن جي ڌمڪي
اوٻاوڙو: شر گينگ جي ڏوھارين سوشل ميديا تي پوليس پڪٽن موٽروي ۽ ٻين ھنڌن تي حملا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ پوءِ بيا ون پڪٽ تي راڪٽ لانچرن سان حملو ڪري ڏنو. پوليس ۽ شر گينگ جي ھٿيار بندن وچ سخت مقابلو ٿيو. ايس ايس پي انور کيتران جي اڳواڻي ۾ پوليس جي وڏي نفري بيا ون پڪٽ تي پھچي ڏوھارين مٿان ڊرون حملا شروع ڪري ڇڏيا. اطلاعن موجب، ڏوهاري پوليس ۽ سيلرن جي گهيري ۾ اچڻ بعد پوليس چوڪي بيا ون ٽو ۽ ٿري تي پڻ حملا ڪيا.
پوليس اهلڪار چوڪيون ڇڏي پڪي واري پاسي هليا ويا: علائقي واسي
ڏهرڪي: علائقن ۾ هٿياربندن جي آزاد گهمڻ ۽ ڳوٺن تي چڙهائين سبب ڪچي ۾ دهشت ڇانيل آهي. مقامي ماڻهن موجب پوليس اهلڪار ڪچي جون پڪٽون ڇڏي پڪي واري پاسي بند تي واپس بيهي رهيا ۽ ڪنهن به ڌر جي خلاف ڪا به ڪارروائي نه ڪئي. ايس ايس پي انور کيتران جي نگراني ۾ پوليس عملدارن ڪچي واري علائقي ۾ ڊرون ڪيمرا ذريعي ڏوهارين جي حرڪتن تي نظر رکي، جنهن بعد فائرنگ ۾ ڪجهه دير لاءِ ٺاپر اچي وئي.
انتظاميا پاران رائونتي جي ڪچي ۾ وڏي آپريشن جي تياري
سکر: ڊي آءِ جي سکر فيصل عبدالله چاچڙ، ايس ايس پي سکر اظهر مغل، ايس ايس پي گهوٽڪي انور کيتران راونتي جي ڪچي پهتا ۽ جائزو ورتو. خيرپور سميت ٻين ضلعن مان وڌيڪ نفري طلب ڪئي وئي. ونگ ڪمانڊر نديم به روانتي پهتو. انتظاميا پاران ڏوهارين خلاف وڏي آپريشن جي تياري شروع ڪئي وئي.