حيدرآباد (رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد زين العابدين ميمڻ ۽ ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر پير غلام حسين هلال احمر جنرل اسپتال لطيف آباد ۽ تعلقي اسپتال شاهه لطيف ڀٽائي جي ڊينگي وارڊن جو دورو ڪيو. ان دوران، انهن مريضن جي علاج ۽ اسپتال انتظاميا جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد ڊينگي جي پکيڙ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ نگراني، صفائي ۽ آگاهي مهم کي اهم قرار ڏيندي اسپتال انتظاميا ۽ صحت ٽيمن کي روزانو نگراني ۽ فوري جوابي نظام کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي. ضلعي صحت آفيسر ڊاڪٽر پير غلام حسين، ڊينگي جي بچاءُ ۽ روڪٿام لاءِ جاري سرگرمين بابت ڊپٽي ڪمشنر کي آگاھ ڪيو، جن ۾ لاروا جي ڳولا، فيوميگيشن ۽ انڊور اسپري شامل آهن.