سنڌ ۾ ڊينگي جا هڪ هزار 92 نوان ڪيس

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي صحت کاتي سموري صوبي ۾ ڊينگي جا تصديق ٿيل ڪيسن بابت نئين رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي،  جنهن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي ۾ مجموعي طور 5899 ڊينگي جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 1192 ڪيس پوزيٽيو سامهون آيا آهن۔ ڪراچي ڊويزن ۾ 4371 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 642 پوزيٽيو ڪيس جي تصديق ٿي۔ حيدرآباد ڊويزن ۾ 1528 ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 550 ڪيس پوزيٽيو آيا۔ صحت کاتي جي سيڪريٽري ريحان بلوچ ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران صوبي جي سرڪاري اسپتالن ۾ 109 نوان ڪيس داخل ٿيا، جڏهن ته خانگي اسپتالن ۾ 100 نوان مريض داخل ٿيا۔ صوبي جي سرڪاري اسپتالن مان 112 مريض ۽ خانگي اسپتالن مان 151 مريض صحتياب ٿي گهر واپس ويا۔ گذريل 24 ڪلاڪن دوران پوري صوبي مان 4 ڄڻن جي فوتگي رپورٽ ٿي آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.