ميرپورخاص(بيورو) ميرپورخاص ۾ ڊينگي جي بخار ۾ تيزي سان اضافو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 9 نوان ڪيس ظاهر ٿيڻ بعد انگ 210 تائين پهچي ويو۔ انتظاميه پاران ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتال ۾ ڊينگي جي مريضن لاءِ 30 بسترن تي مشتمل 2 وارڊون قائم ڪيون ويون آهن، جتي شهر واسي علي رضا، هنڱورنو واسي ڪامران ۽ ڪاڪ بنگلو واسي راشد زيرعلاج آهن۔ واڊ ۾ موجود فوڪل پرسن ضياءَ، ڊاڪٽر زوهيب فراز ۽ ڊاڪٽر ساديه. عوامي آواز کي ٻڌايو ته ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، اسپتال ۾ ايندڙ سڀني مريضن کي بهتر علاج مهيا ڪيو پيو وڃي.
درساڻو ڇنو، مراد ميمڻ ۾ ڊينگي ۽ مليريا جا ڪيس وڌڻ لڳا
کوکراپار (عنايت قمبراڻي )ملير جي علي نواز جوکيو ڳوٺ درس پاڙي ۾ منور علي درس نالي نوجوان ڊينگي بخار ۾ مبتلا، يوسي درساڻو ڇنو، يوسي مراد ميمڻ ۽ ويجهن ڳوٺن ۾ به ڊينگي ۽ مليريا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ لڳا آهن، جنهن سبب علائقي ۾ خوف جي لهر ڇانيل مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ هر طرف ڪچري جا ڍير لڳل آهن، گهٽين جي صفائي نه ٿيڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، علائقن ۾ صفائي نه ٿيڻ سبب ڊينگي ۽ مليريا تيزي سان پکڙجڻ جو وڏو سبب بڻجي رهي آهي انھي سلسلي ۾ ڊي ايچ او ملير ڊاڪٽر امداد چنا، عوامي پريس ڪلب ملير جي نشاندهي تي فوري ڪارروائي ڪندي ڊينگي ۾ مبتلا مريض جي گهر ٽيم موڪلي اسپري ڪرايو،