ڪراچي(عوامي آواز رپورٽ)وفاقي بچاءَ واري وزير خواجا آصف ٽوئيٽ ڪيو آهي ته نيويارڪ ۾ چونڊيل ميئر زهران ممداني کي فتح تي مبارڪون۔هڪ نوجوان مسلمان مهاجر، جنهن سماجي انصاف جي واڌاري لاءِ مهم هلائي، ۽ هڪ مالياتي گادي واري شهر ۾ پاڻ کي کليل طور سوشلسٽ قرار ڏيندي به غزه ۾ نسل ڪشي جي سخت مذمت ڪئي۔ممداني جي ايمانداري، همدردي، ۽ شموليت واري پيغام تي ووٽرن جو زبردست ۽ مثبت ردعمل ظاهر ٿيو،جنهن هن جي ڪاميابي کي نه صرف سياسي پر اخلاقي ۽ سماجي فتح بڻائي ڇڏيو،اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ممداني جهڙا ماڻهو صرف اهڙي سيڪيولر ۽ لبرل ملڪ ۾ چونڊجي سگهن ٿا، جتي عوام وٽ ووٽ جي حقيقي طاقت هجي۔آمريڪا جي اصل طاقت ان جو عوام آهي، جيڪي هڪ آزاد خيال، ترقي پسند ۽ روشن فڪر معاشري جي بنياد آهن۔جمهوريت ئي اهو واحد نظام آهي، جنهن ۾ خون خرابو يا تباهي آڻڻ کانسواءِ انقلاب ۽ تبديلي آڻي سگهجي ٿي،ناليواري پرڏيهي اينڪر مهدي حسن چيو ته ممداني جي سوڀ سڀني مافياز جي هار آهي!”جن ممداني کي شڪست ڏيڻ لاءِ ٽنن جي حساب سان ڊالر خرچ ڪيا، آخرڪار پاڻ شڪست کاڌي،سينئر صحافي حامد مير لکيو ته زهران ممداني جهڙو سوشلسٽ جيڪڏهن پاڪستان ۾ هجي ها ته هو ڪڏهن به چونڊ نه کٽي سگهي ها،ڇو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ اصل فرق “فارم 47” جو آهي،جيستائين ممداني جهڙا باشعور، ايماندار ۽ ترقي پسند نوجوان پاڪستان جي ڪنهن شهر جا ميئر يا فيصلو ڪندڙ اڳواڻ نه بڻجن،تڏهن تائين ڪو به آئيني ترميم، يا ٽرمپ جو منظورِ نظر حڪمران، پاڪستان کي عظيم بڻائي نٿو سگهي۔آمريڪا ۾ پاڪستان جي اڳوڻي سفير حسين حقاني لکيو ته ڪاش پاڪستان جا ساڄي ڌر وارا ماڻهو به پنهنجي ملڪ جي لبرلز ۽ کاٻي ڌر وارن لاءِ اهڙا ئي محبت ڀريا جذبا ظاهر ڪرڻ شروع ڪن،جيئن اهي اڄڪلهه زهران ممداني لاءِ ڪري رهيا آهن۔