اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) وفاقي حڪومت 27هين ترميم لاءِ قانوني مسودي جو خاڪو تيار ڪري ورتو. جنهن جا تفصيل ظاهر ٿيا آهن. وزيراعظم ترميم جي خاڪي تي اتحادين سان صلاحون ڪيون. ذريعن موجب، سپريم ڪورٽ ۾ آئيني بينچ جي جاءِ تي 9 رڪني آئيني عدالت قائم ڪئي ويندي، سپريم ڪورٽ ۽ آئيني عدالت جي ججن جي عمر جي مٿانهين حد 68 سالن مان 70 سالن تائين ڪرڻ جي تجويز آهي. مسودي موجب، چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري ۾ ڊيڊلاڪ جي صورت ۾ معاملو سپريم جڊيشل ڪميشن جي حوالي ڪيو ويندو، اعليٰ عدليا جي ججن جي مقرري ۾ صدر، وزيراعظم جو ڪردار گهٽائي جڊيشل ڪميشن جو وڌايو ويندو. ذريعن موجب آرٽيڪل 243 ۾ ترميم ذريعي فيلڊ مارشل جي عهدي کي آئيني تحفظ ڏنو ويندو، فيلڊ مارشل کي آئيني اختيار به ڏنا ويندا، آئيني ترميم تحت فيلڊ مارشل جو ٽائٽل تاحيات رهندو. ذريعن موجب، تجويز ڪيل ترميم تحت اين ايف سي ايوارڊ ۾ وفاق کي صوبن جي حصي مان وڌيڪ 10 سيڪڙو حصو ڏيڻ جي تجويز آهي جڏهن ته تعليم ۽ صحت جا شعبا وفاق کي ڏيڻ تي اتفاق راءِ پيدا ڪئي ويندي. ذريعن موجب، وزيراعظم خاڪي تي اتحادين سان صلاحون ڪيون، اڄ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ مسودي جي منظوري کانپوءِ ترميمي بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو. ذريعن موجب، پيپلزپارٽي مڪاني ادارن کي آئيني طور تي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ تي تيار ناهي، مڪاني ادارن کي وڌيڪ اختيار ڏيڻ جي حوالي سان تجويز تي وڌيڪ مشاورت ڪئي ويندي.