ڪراچي(رپورٽر)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اين ايف سي فارمولي ۾ تبديلي پ پ رد ڪري ڇڏي آهي،سي اي سي اجلاس کانپوءِ مختصر بريفنگ ڏيندي هن چيو ته آرٽيڪل 243 ۾ حڪومت تبديليون آڻڻ جو سوچيو آهي،سي اي سي رڳو انهيءَ تجويز جي حمايت ڪئي آهي،ٻين ترميمن تي خدشا آهن، آئيني عدالت ۾ صوبن جي برابر نمائندگي نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان سمجهوتو ڪرڻ لاءِ تيار ناهيون،ميثاق جمهوريت ۾ ٻيون شيون به هيون، پ پ سي اي سي اجلاس اڄ ٻيهر جمعي نماز کانپوءِ ٿيندو،
ڪراچي(رپورٽر )پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جو غير معمولي ۽ ڊگهو اجلاس خميس ڏينهن شام جو دير سان بلاول هائوس ڪراچي ۾ پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو، جنهن ۾ صدر مملڪت آصف علي زرداري به خاص طور شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ سڄي ملڪ مان آيل پيپلز پارٽي جي مرڪزي ڪميٽي جا ميمبر موجود هئا. اجلاس دوران حڪومت پاران تجويز ڪيل ستاويهون آئيني ترميم جي ڊرافٽ ۽ ان جي رخ ۾ ملڪ جي ايندڙ سياسي رخ سميت ٻين اهم قومي معاملن تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو. وڏن فيصلن لاءِ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ڪيترائي ڪلاڪ گڏجي مشاورت ڪئي.پارٽي جي ويجهن ذريعن موجب، سينٽرل ڪميٽي جي گهڻن ميمبرن ارڙھين آئيني ترميم بابت هلندڙ مختلف قياس آرائين تي پنهنجي ڳڻتي ۽ خدشن جو اظهار ڪيو، جنهن تي پارٽي جي سينيئر قيادت کين اعتماد ڏياريو ته پيپلز پارٽي صوبائي خودمختياري تي پنهنجي اصل موقف تي قائم آهي ۽ ان معاملي ۾ ڪنهن کي مايوس نه ڪندي.هن سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته سڀ فيصلا وڏي احتياط ۽ باهمي مشاورت سان ڪيا ويندا. پارٽي قيادت ميمبرن تي واضح ڪيو ته پيپلز پارٽي هميشه قومي مفاد کي سياسي مفاد تي ترجيح ڏني آهي ۽ ايندڙ فيصلا به ساڳي پاليسي کي ذهن ۾ رکي ڪيا ويندا.پارٽي قيادت جو چوڻ هو ته سياست سمجهه، ڳالهه ٻولهه ۽ مفاهمت سان اڳتي وڌڻ جو نالو آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ستاويهون ترميم جي تجويز ڪيل ڊرافٽ ۾ پيپلز پارٽي جي قانوني ماهرن جا رايا اڳ ۾ ئي شامل آهن ۽ پارٽي جي سياسي ڪميٽي پڻ ان جو جائزو وٺي چڪي آهي.سي اي سي جي ميمبرن تجويز ڪيل ترميم جي گهڻن نقطن تي هاڪاري راءِ جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي، داخلي ۽ خارجي صورتحال سان گڏ علائقائي حالتن تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.مرڪزي ڪميٽي جي ميمبرن چيو ته پيپلز پارٽي اها پارٽي آهي جنهن جمهوريت لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ عوام کي اميد آهي ته پارٽي پارليامينٽ ۾ قانون سازي دوران پنهنجي تاريخي ڪردار کي ذهن ۾ رکندي. اجلاس ۾ صوبائي کاتن سان لاڳاپيل ترميم تي به ميمبرن کليل اظهار خيال ڪيو. پيپلز پارٽي جي هن اهم اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن سان لاڳاپيل شقن تي به ڳالهه ٿي، ۽ ميمبرن راءِ ڏني ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن جي چونڊ ۾ رڪاوٽون ختم ٿيڻ گهرجن.ڪيترن ميمبرن صوبن جي مالي حصي ۾ گهٽتائي بابت سوال اٿاريا، جن کي ٻڌايو ويو ته اين ايف سي ۽ صوبائي خودمختياري بابت پارٽي جو موقف واضح آهي ۽ اميد آهي ته ان کي قبول ڪيو ويندو.سينيئر اڳواڻن آگاهي ڏني ته ان حوالي سان حڪمران مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرن سان ڳالهه ٻولهه ٿي چڪي آهي، ۽ اميد آهي ته ان سلسلي ۾ هاڪاري اڳڀرائي ممڪن آهي.
ڪراچي: پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شازيا مري چيو آهي ته ارڙهين آئيني ترميم جو رول بيڪ ممڪن ناهي، سسٽم جي سڌاري لاءِ ڳالهه ٻڌڻ ۾ ڪو حرج ناهي، البت جيڪي به فيصلا ڪيا ويندا، اهي عوام جي مفاد کي نظر ۾ رکي ڪيا ويندا.هن اھڙو اظھار گذريل ڏينهن بلاول هائوس ۾ پيپلز پارٽي جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (سي اي سي) جي اجلاس کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو . شازيا مري چيو ته پيپلز پارٽي جي سي اي سي جو اجلاس ٿي رهيو آهي،هن چيو ته سي اي سي جو اجلاس شيڊول نه هو، بلاول ڀٽو جي سوشل ميڊيا پوسٽ کان پوءِ اجلاس سڏايو ويو. شازيه مري جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جو طريقو ڪار منظم آهي، سڀ سياسي معاملا تنظيم ۾ آندا ويندا آهن. اسان کي صدر جي قطر مان واپسي جو انتظار هو، هاڻي هو واپس اچي چڪو آهي. ، ان حوالي سان ڪيتريون ئي قياس آرائيون ٿي رهيون آهن، پر ترميم تي اڳواٽ ڳالهه ڪرڻ اسان لاءِ مناسب نه آهي. جيڪي نڪتا اسان جي چيئرمين پيش ڪيا آهن، اهي بلڪل واضح آهن.شازيه مري چيو ته صوبن جي حوالي سان اسان جو موقف بلڪل واضع آهي. پيپلز پارٽي ئي اها پارٽي آهي جنهن صوبن کي خودمختياري ڏني. جيڪڏهن وفاقي حڪومت اها اميد ڪري ٿي ته اسان انهن جي تجويز ٻڌي فوري طور “ها” چونداسين، ته اهو ممڪن نه آهي.شازيه مري چيو ته ارڙهين ترميم جو رول بيڪ ممڪن ناهي، پر جيڪڏهن سسٽم ۾ ڪا اهڙي تبديلي اچي سگهي ٿي جنهن سان روزمره جي ڪم ڪار ۾ بهتري اچي، ته اهڙي ڳالهه ٻڌڻ ۾ ڪو حرج ناهي. اسان کي پنهنجي قيادت تي مڪمل اعتماد آهي ۽ پنهنجي قيادت سان گڏ آهيون.