27هين ترميم جي معاملي تي پ پ ۽ ن ليگ ۾ اندروني اختلاف؟

اسلام آباد (حماد حسن) 27هين ترميم جي معاملي تي سياسي پارٽين ۾ اندروني اختلاف ظاهر ٿيڻ لڳا آهن. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر، ملڪ احمد خان، 27هين ترميم جي حوالي سان خدشا ظاهر ڪيا آهن. سندس موقف آهي ته صوبن جو حصو گهٽائڻ ناانصافي آهي، هن چيو ته خاص طور تي پنجاب پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبو آهي، جيڪو ماضي ۾ تمام گهڻو مالي حصو حاصل ڪندو آيو آهي، جيڪڏهن پنجاب جو حصو  گهٽايو ويو ته صوبن ۾ وڌيڪ بيچيني پيدا ٿي سگھي ٿي. هن چيو ته ڪي پي ۽ بلوچستان دهشتگردي سبب متاثر آهن، انهن جو حصو گهٽائڻ، وزارتون واپس وٺڻ سان ڏکيائيون ٿينديون. خيال رهي ته ملڪ احمد خان شهباز شريف جو ويجهو سمجهيو ويندو آهي پر جيڪڏهن هو صوبن جي ڳالهه ڪري ٿو ته ائين لڳي ٿو ته کيس مريم نواز جي حمايت حاصل آهي. ٻئي پاسي 27هين ترميم کي قبول ڪرڻ ۾ پيپلز پارٽي کي سنڌ ۾ رد عمل کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. ان ڳالهه جو اثر پيپلزپارٽي جي مقامي سياست تي پوندو، سندن حڪومت خطري ۾ پئجي سگهي ٿي ڇو ته سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت ۽ ووٽ بينڪ آهي. ذريعن موجب، پيپلزپارٽي جي اڳواڻن، خاص طور تي آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي ويجهو سمجهيا ويندڙ پراڻا اڳواڻ خدشا ظاهر ڪري رهيا آهن، ذريعن موجب، اهڙن بيانن کي پردي پٺيان بلاول ڀٽو زرداري جي حمايت حاصل آهي. اين ايف سي ايوارڊ يا صوبن جو حصو گهٽائڻ جي حوالي سان وڏو رد عمل موجود نظر اچي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.