شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي)شڪارپور ففٿ ايڊيشنل سيشن جج ۽ سينئر وڪيل وچ ۾ آرگيومينٽ ڪرڻ دوران وڏو آواز ڪرڻ تي جج وڪيل کي هٿ ڪڙيون ھڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ٻين وڪيلن پوليس کي روڪي ورتو ففٿ ايڊيشنل سيشن جج محمد علي قريشي ۽ سينئر وڪيل راز محمد ھڪڙو وچ ۾ عدالت اندر آرگيومينٽ دوران وڪيل پاران وڏي آواز سان ڳالھائيڻ تي ايڊيشنل سيشن جج پوليس کي حڪم ڏنو ته وڪيل کي گرفتار ڪري کيس ھٿ ڪڙيون لڳايون وڃن جنھن تي عدالت ۾ موجود ٻين وڪيلن سينئر وڪيل کي ھٿ ڪڙيون ھڻن کان پوليس کي روڪي ورتو ۽ وڪيل عدالت مان ساٿي وڪيل کي پوليس کان بجائي بار روم پھتا جتي سيشن ڪورٽ ۾ موجود وڪيلن عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪندي ففٿ ايڊيشنل سيشن جج خلاف احتجاج ڪيو ڊسٽرڪٽ بار جي صدر گدا حسين ڀلوج پاران بار مان مزمتي ٺھراه پاس ڪندي ھائي ڪورٽ جي چيف جسٽس کي جج خلاف ڪاروائي لاء چيو ويو آھي جڏھن ته سنڌ بار ڪاونسل پاران جج خلاف ڪاروائي ٿيڻ تائين لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪورٽن اندر بائيڪاٽ جو اعلان ڪيو ويو آھي سڀاڻي کان ڪو به وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيندا ھوڏانھن ففٿ ايڊشڻل سيشن جج ايس ايس پي شاھزيب چاچڙ کي حڪم ڏيندي وڪيل جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪندي کيس گرفتار ڪري 8تاريخ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو .