قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ٽوڙڻ خلاف مزاحمتي تحريڪ جو اعلان

حيدرآباد(پ ر) قومي عوامي تحريڪ 27 ترميم ذريعي سنڌ تي امڪاني حملي خلاف سڄي سنڌ ۾ مزاحمتي تحريڪ جو اعلان ڪيو آھي. ان سلسلي ۾ نامياري قانوندان، دانشور قومي عوامي تحريڪ جي  سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ 8 نومبر تي ڄامشورو ضلعي جي شھر ٿاڻو بولاخان ۾، 18 نومبر تي  قمبر شھدادڪوٽ جي شھر وارھ ۾ ۽ 22 نومبر تي ننگر پارڪر ۾ ھزارين ماڻھن جون ريليون ۽ جلسا ڪيا ويندا. حيدرآباد ۾ پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽريٽ تي پارٽي اڳواڻن سان ڳالھائيندي اياز لطيف پليجي چيو ته  27ھين آئيني ترميم سنڌ جي وحدت خلاف ۽ سنڌ جي وسيلن تي مڪمل قبضو ڪرڻ جي سازش آهي ۽ پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بنائڻ جي بارگيننگ ۾ ارڙهين ترميم تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار آهي، هن چيو ته  پيپلزپارٽي جا ڪرپٽ ايم پي اي، ايم اين اي ۽ چيئرمين چوندا آهن ته اسان وڏي اڪثريت سان تڪ کٽيون ٿا. مينڊيٽ آهي. ھن وقت 27ھين آئيني ترميم ذريعي سنڌ جي وحدت تي حملو  ڪيو پيو وڃي، تڏهن اھي ٻرن ۾ لڪي ويا آهن. 27 ھين آئيني ترميم جي نالي ۾ سنڌ جو سودو پيا ڪن. هن چيو ته  جڏهن سنڌ جو سودو ٿئي ٿو تڏهن توھان جن  عوام دوست، سنڌ ۽ وطن دوست پارٽين کي مھڻا ڏيندا آھيو ته اوھان اليڪشن ۾ ھڪڙي ايم پي اي جي سيٽ به نٿا کٽي سگھو، اڄ اھي ميدان ۾ بيٺا آھن ۽ جن کربين روپيا ڪمايا اھي ٺڳ سنڌ جي سوديبازي ۾ ملوث آهن ۽ جيڪي ڪرپشن ۾ملوث آهن اھي گم آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.