حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ڊينگي تي ضابطو نه اچي سگهيو. وڌيڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته حيدرآباد جي علائقي فقير جي پڙ جو رهواسي اڳوڻو ايڪسائيز انسپيڪٽر بابر جاني کي ڊينگي سبب شهر جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو. جتي علاج دوران هو فوت ٿي ويو آهي. بابر جاني جي فوتگي کان پوءِ حيدرآباد ۾ ڊينگي سبب فوتين جو انگ 36 ٿي ويو آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته اڃا ڪيترائي ڊينگي جا مريض شهر جي مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن.