اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت 27هين ترميم تي اتفاق راءِ لاءِ اتحادي پارٽين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا. ستاويهين آئيني ترميم تي اتفاق راءِ لاءِ اتحادي جماعتن سان ملاقاتن جي سلسلي ۾ پيپلز پارٽي جي وفد به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ تجويز ڪيل ترميم جي شقن ۽ موقف تي تفصيلي مشورو ٿيو. ايم ڪيو ايم پاڪستان 27 هين ترميم ۾ بلدياتي حڪومتن کي اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.رپورٽن مطابق، وزیراعظم محمد شهباز شریف سان ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صدیقی جي قيادت ۾ ايم ڪيو ايم جي7 رڪني وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري، مصطفیٰ ڪمال، قومي اسمبلي جا ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار، جاوید حنیف خان، سید امین الحق ۽ خواجا اظهار الحسن شامل هئا. ملاقات ۾، وزیراعظم شهباز شریف سان 27 هين آئيني ترميم بابت ڳالهيون ڪيون ويون، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻن وزیراعظم کان مڪاني حڪومتن کي اختيار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. وزیراعظم شهباز شریف ايم ڪيو ايم جي تجويز کي 27 هين ترميم ۾ شامل ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ان کانسواءِ بلوچستان عوامي پارٽي جي وفد به وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت وفاقي وزير خالد مگسي ڪئي، جڏهن ته ٻين اڳواڻن ۾ سينيٽر محمد عبدالقادر، منظور ڪاڪڙ، ثمينا ممتاز ۽ دنيش ڪمار شامل هئا. ذريعن موجب، بي اي پي جي وفد وزيراعظم سان بلوچستان جي صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي سيٽن بابت پڻ ڳالھيون ڪيون. عليم خان جي قيادت ۾ استحڪام پاڪستان پارٽي جي وفد کي پڻ وزيراعظم 27هين ترميم بابت اعتماد ۾ ورتو. مسلم ليگ (ق) جي وفد به وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين جي سربراهي ۾ وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ستاويهين ترميم هلندڙ مهيني ئي پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن مان منظور ڪرائي ويندي.