اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ ڪابينا اجلاس گهرائي ورتو، جنهن ۾ 27هين آئيني ترميم جو مسودو منظور ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا کي 27هين آئيني ترميم جي مسودي تي بريف ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ وفاقي ڪابينا مسودي جي منظوري ڏيندي. هوڏانهن حڪومت 27هين ترميم تي اتفاق راءِ لاءِ اتحادين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن.