سنڌ ۾ 114 ارب رپين جون منظور ٿيل اسڪيمون 24 سالن کان رولڙي جو شڪار

ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهم انڪشاف ڪندي ٻڌايو ويو ته مختلف 28 سرڪاري کاتن جون 114 ارب رپين جون منظور ٿيل ڪيتريون ئي اي ڊي  پي اسڪيمون سال 2001ع کان 2025ع تائين 24 سال گذرڻ جي باوجود اڃان تائين رولڙي جو شڪار آهن جنهن ڪري آر بي او ڊي ٽو، نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ڪامپليڪس، 7 ۽ 8 جي تعمير سميت ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي چيئر واري اهم منصوبن سميت ٻين منصوبن تي اربين روپيا خرچ ٿيڻ باوجود اِهي منصوبا مڪمل نه ٿي سگهيا آهن. سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي هنن منصوبن بابت سنڌ جي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي کان اڳڀرائيءَ بابت رپورٽ گهرندي ايندڙ اجلاس ۾ پي اينڊ ڊي جي چيئرمين کي گهرائي ورتو آهي.  پي اي سيءَ  اجلاس ۾ پي اينڊ ڊي کاتي جي سال 2023ع کان سال 2024ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ هڪ آڊٽ پيرا تي ڊي جي آڊٽ پاران اعتراض اٿاريو ويو ته سنڌ جي مختلف 28 کاتن جون 114 ارب 39 ڪروڙ روپين جون سال 2001ع کان 2017ع تائين منظور ٿيل اي ڊي پي اسڪيمون مڪمل ناهن ۽ اِهي اسڪيمون ايترا سال گذرڻ جي باوجود بجيٽ بوڪ ۾ شامل ڪيون پيون وڃن جنهن سان سنڌ حڪومت جي خزاني کي نقصان ٿي رهيو آهي. ان موقعي تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو کاتي کان پڇاڻو ڪيو ته مختلف کاتن جي 114 ارب روپين جي منظور ٿيل هنن 133 اسڪيمن مان ڪيتريون اسڪيمون مڪمل ٿي ويون آهن ۽ اڃان ڪيتريون اسڪيمون رولڙي جو شڪار ٿي نامڪمل آهن ان بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي جنهن تي پي اينڊ ڊي کاتي جي سيڪريٽري پي اي سي کي ٻڌايو ته سال 2001ع کان ڪيتريون ئي اسڪيمون مختلف کاتن پاران مڪمل نه ڪيون ويون آهن جن کاتن کان پڇاڻو ڪري تفصيل پڻ گهريا آهن. ڪميٽي جي ميمبر قاسم سومرو چيو ته 2001ع کان مختلف اسڪيمون وقت تي مڪمل نه ٿيڻ سبب روائيز ڪيون ويون هونديون جنهن سان سنڌ جي خزاني تي وڌيڪ بار پوندو ته پوءِ پي اينڊ ڊي کاتو انهن لاڳاپيل کاتن کان وقت سِر اسڪيمون مڪمل نه ڪرڻ بابت پڇاڻو ڇو نه ٿو ڪري؟ جنهن تي پي اينڊ ڊي کاتي جي آفيسرن پي اي سيءَ کي ٻڌايو ته امبريلا اسڪيمن سبب ڪجهه اي ڊي پي اسڪيمون مڪمل نه ڪيون ويون آهن ۽ جيسيتائين اُهي مڪمل نه ٿيون ٿين انهن اسڪيمن کي اي ڊي پي مان ٻاهر ڪڍي نه ٿا سگهون پر تنهن باوجود پراڻي اسڪيمن بابت طريقي ڪار واضع ڪرڻ لاءِ هڪ سمري وڏي وزير کي اماڻي پئي وڃي. پي اي سيءَ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ کاتي کان هنن اسڪيمن تي اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ پي اينڊ ڊي کاتي جي چيئرمين کي پي اي سي ۾ گهرائي ورتو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.