طاقتور رياستون ۽ علائقائي قوتون پنهنجي مرضي ٻين ملڪن تي مڙهڻ لاءِ جبر ۽ طاقت جو آسرو وٺي رهيون آهن۔ طاقت جو استعمال يا ان جي ڌمڪي، سندن لاءِ پهريون ۽ سڀ کان بنيادي هٿيار بڻجي چڪو آهي، جنهن وسيلي هو تڪرارن کي به پنهنجي انداز ۾ ”حل“ ڪرڻ چاهين ٿا۔ طاقتور ملڪن طرفان مخالفن يا ڪمزور رياستن جي خودمختياري تي ٿيندڙ حملا هاڻي معمولي ڳالهه بڻجي ويا آهن، جن کي ڪڏهن ”اڳواٽ جنگ“ جو نالو ڏنو ويندو آهي۔ اسرائيل جي غزه ۾ جنگ، ان جا ايران، شام، لبنان، يمن ۽ قطر تي حملا، روس جو يوڪرين تي حملو، ايران تي آمريڪي بمباري، ۽ پاڪستان خلاف ڀارت جون فوجي ڪارروايون ــ اهي سڀ واقعا ڏيکارين ٿا ته عالمي قانون تي عمل ڪرڻ بدران دنيا ۾ طاقت جي استعمال جو لاڙو وڌي رهيو آهي۔اها وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ عدم تحفظ جي فضا ڪيترن ئي ملڪن کي ٻيهر اهو سوچڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ته شايد ايٽمي هٿيار ئي سندن سلامتي جي ضمانت ٿي سگهن ٿا۔ جڏهن ايران ۽ يوڪرين جهڙن ملڪن تي ايٽمي طاقت رکندڙ رياستن حملو ڪيو، ته ان عمل دنيا جي ٻين ملڪن ۾ به اها سوچ پيدا ڪئي ته بغير ايٽمي هٿيارن جي، ڪنهن به وقت ٻاهرين جارحيت جو شڪار ٿي سگهجي ٿو۔
اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ انسٽيٽيوٽ (SIPRI) جي 2025ع واري سالياني رپورٽ موجب، هاڻي وڌيڪ ملڪ به ايٽمي هٿيار ٺاهڻ يا رکڻ تي غور ڪري رهيا آهن۔ جڏهن ته ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪ پنهنجا هٿيار وڌيڪ جديد بڻائي رهيا آهن ۽ هٿيارن تي ڪنٽرول جي عالمي ڪوششون مڪمل طور رڪجي ويون آهن۔ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو تازو اعلان ته آمريڪا ٻيهر ايٽمي تجربا شروع ڪندو، روس جي ان دعويٰ جي جواب طور ڏٺو پيو وڃي جنهن ۾ روس چيو آهي ته هن ڊگهي رينج واري ايٽمي توانائي تي هلندڙ ميزائل جو تجربو ڪيو آهي۔ پر اهو قدم انتهائي خطري سان ڀرپور آهي، ڇو ته ان سان عالمي نظام، جيڪو ايٽمي هٿيارن جي پکڙجڻ کي روڪڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو، وڌيڪ ڪمزور ٿي ويندو۔
اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي جي فرسٽ ڪاميٽي تازو ئي هڪ اهڙي ٺهراءَ تي ووٽ ڏنو آهي جنهن جو مقصد عالمي سطح تي ايٽمي تجربن تي پابندي آهي، پر آمريڪا واحد ملڪ هو جنهن ان جي مخالفت ڪئي۔ سرهي پلوخي جي نئين ڪتاب The Nuclear Age: An Epic Race for Arms, Power and Survival ۾ ايٽمي مسئلي جو بروقت تجزيو پيش ڪيو ويو آهي۔ هن ڪتاب ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته ملڪن کي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ لاءِ ڇا ڪهڙا محرڪ مجبور ڪندا رهيا آهن۔سرهي پلوخي خبردار ڪن ٿا ته اهي هٿيار پوري انسانيت لاءِ تباھي جو خطرو بڻجي سگهن ٿا۔ هو لکن ٿا ته آمريڪا جي ايٽم بم ٺاھڻ کان وٺي ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ڪڏهن به اصل ۾ رڪئي نه آهي، سواءِ ڪجهه عرصي لاءِ 1980ع جي ڏهاڪي جي آخر ۽ 1990ع جي شروعات ۾، جڏهن آمريڪا ۽ سوويت يونين هٿيار گهٽائڻ تي متفق ٿيا هئا ۽ ڪجھ ملڪن کي پنهنجا ايٽمي منصوبا ڇڏڻا پيا۔ پر اهو وقفو به ان وقت ختم ٿيو، جڏهن 1998ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت ايٽمي تجربا ڪيا۔ ان کان اڳ ئي 1960ع جي ڏهاڪي ۾ اسرائيل، فرانس ۽ برطانيه جي مدد سان ايٽمي قوت بڻجي چڪو هو، ۽ 2006ع ۾ اتر ڪوريا به ان ڪلب ۾ شامل ٿي وئي، جڏهن ته ايران جو پروگرام به جاري رهيو۔
پلوخي جو دليل آهي ته ايٽمي هٿيار رکندڙ رياستون پنهنجا ذخيرو جديد بڻائي رهيون آهن ۽ ڪنهن به قسم جي حد بندي يا معاهدي سان انهن کي روڪڻ ممڪن نه رهيو آهي۔ نتيجي طور، دنيا هاڻي ڪيوٻا ميزائل بحران کان به وڌيڪ خطرناڪ دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي بي قابو هٿيارن جي ڊوڙ ڪنهن به حادثاتي يا دانسته جنگ کي جنم ڏئي سگهي ٿي۔ هو ٻڌائين ٿا ته روس جي يوڪرين جي ايٽمي تنصيبات تي حملن ۽ ايران جي ايٽمي مرڪزن تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملا، عالمي سطح تي هڪ نئين ۽ خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي۔ پلوخي چاهين ٿا ته پهرين ايٽمي ڊوڙ مان حاصل ٿيل اسباق، ٻي ڊوڙ کي روڪڻ ۾ مددگار ٿين۔ هو اهو سوال اٿارين ٿا ته ڪجهه ملڪن ايٽمي هٿيار ٺاهڻ جو فيصلو ڇو ڪيو ۽ ٻين ان کان ڇو پاسو ڪيو۔
ايٽمي طاقت حاصل ڪرڻ جا سبب مختلف ٿي سگهن ٿا ــ جهڙوڪ سلامتي، طاقت جو اظهار، قومي وقار، سياست يا حڪمرانن جون خواهشون ــ پر پلوخي جي نظر ۾ سڀ کان اهم سبب ”خوف“ آهي۔ هو چون ٿا ته ملڪ دشمن جي فوجي طاقت يا ايٽمي حملي جي خوف سبب ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ تي مجبور ٿين ٿا۔ پلوخي موجب، اهو خوف ڪڏهن حقيقي هوندو آهي ته ڪڏهن غير منطقي، پر ان جو نتيجو هميشه هٿيارن جي وڌندڙ ڊوڙ جي صورت ۾ نڪري ٿو۔ سرد جنگ دوران به ساڳيو خوف ٻنهي ڌرين کي هٿيار گهٽائڻ ۽ معاهدن تي عمل ڪرڻ تي مجبور ڪندو رهيو۔ پر اڄ جو عالمي ماحول ايترو غير منظم ٿي ويو آهي جو اهو خوف، هاڻي ايٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جي وڌيڪ خطرناڪ رجحان کي جنم ڏئي سگهي ٿو۔ پلوخي جو مشورو آهي ته ”اسان کي پنهنجن خوفن تي ٻيهر قابو حاصل ڪرڻ سکڻ گهرجي، ايٽمي حد بندي جي خطري کي سمجهڻ گهرجي ۽ اهو ياد رکڻ گهرجي ته ايٽمي بليڪ ميل يا طاقت جي سياست کي وڌائڻ انسانيت لاءِ موت جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو۔“
ڏکڻ ايشيا ۾ به ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ جو بنيادي سبب سلامتي جو خدشو هو۔ پاڪستان لاءِ 1971ع ۾ ڀارت جي فوجي مداخلت ۽ پوءِ 1974ع جي ڀارتي ايٽمي تجربن اهو تاثر پيدا ڪيو ته ملڪ جي حفاظت لاءِ پاڻ تي ڀاڙڻو پوندو۔ فياض خان، جنهن پنهنجي ڪتاب Eating Grass ۾ پاڪستان جي ايٽمي پروگرام تي روشني وڌي آهي، لکي ٿو ته 1971ع جي ذلت ۽ ڀارت جي جارحيت پاڪستان کي پرامن ايٽمي رٿائن مان هٽي، بم جي راهه تي آندو۔ ڀارت جي حوالي سان جارج پرڪوويچ ۽ ٻين جو خيال آهي ته ڀارت جو مقصد سلامتي نه پر ”طاقت ۽ وقار“ جو اظهار هو، خاص ڪري چين سان مقابلي جي سياق ۾۔سرهي پلوخي پنهنجي ڪتاب جي پڄاڻيءَ ۾ خبردار ڪن ٿا ته جيڪڏهن موجوده عالمي حالتون اهڙيون ئي رهيون، ته ايندڙ سالن ۾ دنيا ۾ 40 نوان ايٽمي هٿيار رکندڙ ملڪ ظاهر ٿي سگهن ٿا، جنهن سان حادثاتي يا دانسته ايٽمي جنگ جو خطرو ڊرامائي طور وڌي ويندو۔ اها هڪ اهڙي دنيا لاءِ انتهائي خوفناڪ ڳالهه آهي، جيڪا اڳ ئي افراتفري، تڪرارن ۽ تباهيءَ جي ڪناري تي بيٺي آهي۔