تعليمي ادارن جو ڊجيٽل مستقبل: نئين تعليمي دور ڏانهن سفر

تحرير: ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيو

انساني تاريخ ۾ اهڙا مرحلا بار بار آيا آهن، جتي ڪنهن نئين ٽيڪنالاجي انساني سماج، معيشت ۽ علمي شعور کي بنيادي طور تي بدلائي ڇڏيو. اسين ھن وقت هڪ اهڙي دور ۾ رهي رهيا آهيون جتي ڊجيٽل تبديلي رڳو هڪ لاڙو نه پر عالمي ترقيءَ جو بنياد بڻجي چڪي آهي، جتي هٿرادو ڏاھپ  (Artificial Intelligence)، قدرتي ٻولي جي پروسيسنگ (Natural language processing)  ۽ ٽيڪنالاجي سان ڳنڍيل تعليمي انتظام جو نظام  (Integrated Education Managemeent System) جهڙيون ٽيڪنالاجيون تدريسي ۽ انتظامي عملن کي جديد رخ ڏئي رهيون آهن. ڊجيٽل تعليم جو مقصد رڳو ٽيڪنالاجيءَ کي ڪلاس روم ۾ آڻڻ نه آهي، پر سکيا کي انفرادي بڻائڻ آهي. جديد ٽيڪنالاجيءَ سان اسان نه رڳو پڙهائڻ جا طريقا بدلائي سگهون ٿا، پر شاگردن جي سکڻ جي انداز، ذهني قابليت ۽ مختلف ضرورتن مطابق سکيا جا نوان ماڊل پڻ تيار ڪري سگهون ٿا.

مون پنهنجي علمي ۽ تدريسي سفر دوران اهو ڏٺو آهي ته جيڪڏهن ڪمپيوٽر نيٽورڪ جي اوزارن، تعليمي سوفٽويئر، هٿرادو ڏاھپ ۽ قدرتي ٻولي جي پروسيسنگ کي تعليمي نظام جو حصو بڻايو وڃي ته اسان جو تعليمي نظام حقيقي معنيٰ ۾ جديد ۽ اثرائتو ٿي سگهي ٿو.  مون جڏھن يونيورسٽيءَ ۾ تعليم لاءِ هٿرادو ڏاھپ (AI for Eduction) تي ڪم شروع ڪيو ھو، تڏھن سنڌ ٽيچرز ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي Sindh Teachers Education Development Authority (STEDA)  پڻ منھنجي ھن خيال ۾ پنھنجي دلچسپي ڏيکاري ھئي ته گڏجي تعليم جي نظام جي بھتري لاءِ هٿرادو ڏاھپ جي استعمال تي ڪم ڪجي. اسان گڏجي بينظير ڀٽو شھيد يونيورسٽي لياري ۾ ان موضوع تي ھڪ ورڪشاپ ڪيو ھو، جنھن ۾ اسٽيڊا جي مينيجمينت، بينظير ڀٽو شھيد يونيوريسٽي جي ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي ھيڊ ۽ مختلف اسڪولن جي ڪيترن ئي استادن شرڪت ڪئي ھئي. ان ورڪشاپ ۾ مون ان موضوع تي مفصل پرزينٽيشن ڏني ھئي، جنھن ۾ ڏيکاريو ھو ته ڪيئن ھٿرادو ڏاھپ استادن، شاگردن ۽ تعليمي نظام لاءِ بھتر ۽ مددگار ٿي سگھي ٿي. پر هي ڪم  جاري نه رهي سگهيو ڇاڪاڻ ته اھو سڀ ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جو سھڪار ضروري ھو. مونکي يقين آهي ته جيڪڏهن حڪومت، ڪمپيوٽر ۽ هٿرادو ڏاھپ ٽيڪنالاجين جا ماھر، تعليمدان ۽ تعليم جي ترقي جا ادارا گڏجي ڪم ڪن ته تعليمي نظام ۾ وڏو انقلاب آڻي سگهجي ٿو.

ھن وقت پاڪستان ۾ تعليمي نظام هڪ اهڙي مرحلي ۾ شامل ٿي چڪو آهي، جتي سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي ڪارڪردگي ۾ فرق صاف نظر اچي رھيو آھي. وڏا خانگي ادارا آهستي آهستي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي کي پنهنجي تدريسي نظام ۾ ضم ڪري رهيا آهن، پر اڪثر سرڪاري ۽ خانگي  تعليمي ادارا اڃا به روايتي طريقن سان هلن پيا ۽ روايتي تعليم نظام ذريعي ٻارن کي تعليم ڏئي رھيا آھن. اھي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جي استعمال کان گھڻو پري بيٺا آھن. پاڪستان ۾ تعليمي نصاب به غير سائنسي ۽ پراڻو آهي، جيڪو اڄ جي عالمي مارڪيٽ ۽ علمي ضرورتن جي مطابق نه آھي. ائين لڳي ٿو ڄڻ تعليم جو مقصد رڳو درسي ڪتابن تائين محدود ٿي ويو آهي، جڏهن ته جديد دور ۾ تعليم جو مقصد سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ نون مسئلن جا حل ڳولڻ آهي. ھن وقت به اسان جا چڱا ڀلا تعليم يافته ماڻھو ٽيڪنالاجي کان ڊنل آھن يا ان جي اھميت ۽ استعمال کي ضروري نٿا سمجھن. اھي تعليم جي ترقي لاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ٽيڪنالاجي خاص ڪري هٿرادو ڏاھپ، نيچرل لئنگوئيج پروسيسنگ ۽ بلاڪ چين وارين ٽيڪنالاجين جي استعمال جي اھميت کي نظرانداز ڪري رھيا آھن. ھو ان خوف ۾ آھن ته شايد ٽيڪنالاجي انسان جي جاءِ والاري ڇڏيندي ۽ ھتان جا ماڻھو بي روزگار ٿي ويندا. جڏھن ته ٽيڪنالاجي انسان جي جاءِ نٿي والاري سگهي، پر ان ٽيڪنالاجي  کي سمجھڻ ۽ ان جو استعمال انسان کي وڌيڪ مؤثر، مضبوط ۽ تخليقي بڻائي سگهي ٿو. اسان جي تعليمي نظام ۾ استاد جو ڪردار اڃا به اھم آهي ۽ اھم رھندو. ٽيڪنالاجي ان جي مددگار ٿي سگھي ٿي، بلڪه مددگار آهي. ٽيڪنالاجي استاد کي تبديل نه ڪري رھي آھي ۽ نه ئي وري ٽيڪنالاجي استاد جي متبادل ٿي سگھي ٿي. هٿرادو ڏاھپ ذريعي استاد پنهنجي شاگردن جي ڪارڪردگي، دلچسپين ۽ سکڻ جي رفتار تي نظر رکي سگهي ٿو ۽ ان جي بنياد تي ذاتي سکيا (Personal Learning) جو منصوبو ٺاهي سگهي ٿو. جيڪو جديد تعليم جي نظام لاءِ سڀ کان اهم آهي.

 ان سلسلي ۾، هٿرادو ڏاھپ، نيچرل لئنگوئيج پروسيسنگ ۽ Integr¬ated Education Management Systems (IEMS)  جهڙا نظام شاگردن، استادن، شاگردن جي والدين کي پاڻ ۾ ڳنڍيل رکن ٿا ۽ اسڪولن کي به انتظامي طور مضبوط ڪن ٿا. اهي سسٽم اسڪول جي ڊيٽا، شاگردن جي ڪارڪردگي، استادن جي حاضري ۽ مالي وسيلن تائين، سڀ ڪجهه هڪ ئي نظام هيٺ آڻي شفافيت پيدا ڪن ٿا. ان سان ملازمن جي گسائڻ، بجيٽ جا مسئلا، پڙھائڻ جا مسئلا يا ڪلاس ۾ گهٽ وقت ڏيڻ يا ڪو جڳاڙ ڪرڻ وغيره ختم ٿي ويندا ۽ ھر عمل آن لائين ھوندو، جنھن کي دنيا جي ڪنھن به ڪنڊ کان ويھي ڏسي، جانچي سگهجي ٿو. نه صرف ايترو پر استادن جي پڙھائڻ واري عمل، شاگردن جي سکڻ واري عمل، شاگرد، استاد ۽ والدين جي وچ ۾ رابطي جو برقرار رھڻ ۽ اسڪول انتظاميا جي ھر وقت خبر به پوندي ۽ انھن سڀني عملن جو ڪنھن به تجزيو ڪري مختلف قسم جا نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا ۽ انھن نتيجن جي بنياد تي بھتر قسم جا فيصلا به ڪري سگھجن ٿا. تنھنڪري، اهڙا ڊجيٽل نظام نه صرف اسڪولن، شاگردن ۽ استادن جي ڪارڪردگي وڌائين ٿا پر فيصلا سازيءَ ۾ به مدد ڪن ٿا، جنهن سان اسڪول، استاد ۽ انتظاميا وڌيڪ جوابده، ترقي يافته ۽ جديد بڻجن ٿا.

مون پنهنجي تحقيقي ۽ تدريسي تجربي مان اهو محسوس ڪيو آهي ته اسان کي ڊجيٽل تبديليءَ لاءِ صرف انفراسٽرڪچر نه پر ذهني تبديلي جي به ضرورت آهي. استادن، شاگردن، والدين ۽ منتظمين کي سمجهڻ گهرجي ته ٽيڪنالاجي جو صحيح استعمال ئي ترقيءَ جو ذريعو آهي. جيڪڏهن اسان ٽيڪنالاجي کي اخلاقي قدرن ۽ سماجي ذميوارين سان گڏ استعمال نه ڪنداسين ته اها فائدي بدران نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ٻين ملڪن ۾، جهڙوڪ فنلينڊ، سنگاپور، ڏکڻ ڪوريا ۽ آمريڪا وغيرھ ۾ هٿرادو ڏاھپ ۽  سکيا جي تجزيئي (Learning Analytics)  جي بنياد تي ٻڌل تعليمي پاليسيون اڳ ئي لاڳو ٿي چڪيون آهن. اهي نظام نه رڳو سکيا جا نتيجا ماپين ٿا، پر وقت سر استادن ۽ شاگردن کي ڊيٽا تي ٻڌل راءِ يا (Feedback) به مهيا ڪن ٿا. پاڪستان کي به اهڙي ماڊل کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي، جتي فيصلا صرف تجويزن جي بنياد تي نه پر ڊيٽا ۽ تجزئي جي بنياد تي ٻڌل هجن. اھڙي طرح، اسان کي پنهنجي قومي نصاب ۾ ڊجيٽل خواندگي  (Digital Literacy)  کي شامل ڪرڻو پوندو. هي رڳو هڪ مضمون نه هجڻ گهرجي، پر هڪ بنيادي مهارت هجڻ گهرجي، جيئن پڙهڻ ۽ لکڻ ھر ماڻھو لاءِ ضرور آھي، تيئن هر شاگرد کي ٽيڪنالاجي تائين برابري جي بنياد تي پھنچ ملڻ گهرجي، ڇو⁠ ته تعليم ۾ برابري جو تصور تڏهن مڪمل ٿئي ٿو جڏهن هر ٻار کي علم ۽ ٽيڪنالاجيءَ تائين برابري جي بنياد تي پھنچ هجي. اسان وٽ سماجي ۽ معاشي درجا بندي جي بنيادن تي تعليم ۽ ٽيڪنالاجي مھيا ڪئي وڃي ٿي، مطلب پئسي وارن ماڻھن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ  جا معيار ۽ درسگاھون مختلف ۽ عليحده آھن ۽ غريب ماڻھن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ جا معيار ۽ درسگاھون مختلف ۽ عليحده آھن، جيڪي خانگي ۽ سرڪاري اسڪولن يا ڪاليجن جي روپ يا بنياد تي ظاھر آھن.

معياري تعليم جو دارومدار ان ڳالهھ تي آھي ته اسان ڪيئن سوچيون ٿا، ڪيئن جديديت کي قبول ڪريون ٿا ۽ ڪيئن ٽيڪنالاجيءَ کي انسانيت جي خدمت لاءِ استعمال ڪريون ٿا. مون لاءِ  ”اسڪولن جو ڊجيٽل مستقبل“ رڳو ھن مضمون جو هڪ عنوان نه آھي، پر هڪ فڪري تحريڪ آهي، ھڪ سوچ آھي يا ھڪ جاڳرتا آھي. انور پيرزادي چواڻي ته سوچ به کڙڪو آھي سو اھا سوچ ئي اسان جي سماج ۽ نظام ۾ کڙڪو پيدا ڪري سگھي ٿي ۽ اسان جي ذھنن کي تبديل ڪري سگھي ٿي.  اسان کي تعليم جو اهڙو نظام ٺاهڻو پوندو، جتي شاگرد صرف امتحان لاءِ نه پر بھتر زندگي گذارڻ لاءِ سکيا حاصل ڪن. ھو سماج کي سائنسي ۽ سماجي اصولن تحت ترقي ڏيارين ۽ پنھنجي ثقافت ۽ ٻولي جو تحفظ ڪن. اسڪولن ۽ ڪاليجن جي ڊجيٽل مستقبل ڏانهن سفر مشڪل ضرور آهي، پر ناممڪن نه آهي. جيڪڏهن حڪومت، اسڪول، يونيورسٽيون ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا، تعليمدان ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي جا ماھر گڏجي هڪ واضح حڪمت عمليءَ سان گڏجي ڪم ڪن ۽ اڳتي وڌن، ته اسان جو تعليمي نظام به عالمي معيار جو بڻجي سگهي ٿو. اسان وٽ علمي وسيلن، انساني سرمائي، ھمت ۽ جذبي جو وڏو ذخيرو موجود آهي. ضرورت رڳو انهيءَ ڳالهه جي آهي ته اسان ٽيڪنالاجيءَ جو صحي استعمال ڪريون، فيوڊل نظام جي نفي ڪريون ۽ تعليم کي ڊجيٽل دنيا سان هم آهنگ ڪريون، جتي علم، قدر ۽ انسانيت گڏجي ترقيءَ جو نئون باب لکن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.