ايشيا هن وقت دنيا ۾ تيز رفتاري سان تبديل ٿيندڙ حالتن جو مرڪز بڻجي چڪو آهي. غزه امن معاهدي کانپوءِ مشرقي وسطيٰ جو سياسي منظرنامو بدلجي رهيو آهي. خليجي رياستون عالمي معيشت ۽ سياست جي نون لاڳاپن ۽ صف بندين ۾ مصروف آهن. ڏکڻ ايشيا به عالمي توجهه جو مرڪز بڻيل آهي، جتي افغانستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پائيدار امن لاءِ ڳالهيون جاري آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف ۽ آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير بابت تعريف ڀريا جملا چوندي، اهو اشارو ڏنو آهي ته ايشيا جي انهن ٻنهي خطن ۾ هاڻي پاڪستان کي ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پيچيده ۽ اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن حوالي سان ڪجهه اهم حقيقتون ذهن ۾ رکڻ گهرجن. سڀ کان پهرين ڳالهه اها آهي ته اڄ جي دنيا ماضي واري دنيا کان مڪمل طور مختلف آهي. اسين ويهين صديءَ ۽ سرد جنگ واري دور جي سوچ سان ايڪويهين صديءَ جي نئين دنيا ۾ اڳتي نه وڌي سگهون ٿا. اهو به ياد رکڻ گهرجي ته آمريڪا به هاڻي اهو پراڻو آمريڪا ناهي رهيو. گذريل 75 سالن کان اسين آمريڪي سرپرستيءَ جا عادي ٿي چڪا آهيون. ملڪ جي قيام کان ٿوري ئي وقت پوءِ فيصلو ڪيو ويو ته سوويت يونين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هلندڙ عالمي ڇڪتاڻ ۾ اسين غيرجانبدار نه رهنداسين، بلڪه مغرب ۽ آمريڪا جو ساٿ ڏينداسين.
وزيراعظم لياقت علي خان کي سوويت يونين ۽ آمريڪا ٻنهي طرفان سرڪاري دوري جي دعوت ملي هئي، پر هن ماسڪو بدران واشنگٽن وڃڻ کي ترجيح ڏني. هو مئي 1950 ۾ آمريڪا پهتو، جتي هن سوويت ”خطري“ کي روڪڻ لاءِ آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو. ان کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سيٽو، سينٽو ۽ ٻيا ڪيترائي ٻه طرفا معاهدا ٿيا. جنرل ايوب خان جي دور ۾ آمريڪا کي پاڪستان ۾ فوجي اڏا ڏنا ويا، جنهن جو انڪشاف تڏهن ٿيو جڏهن بڊابير (Badaber) مان اڏامندڙ يو ٽو جاسوسي جهاز کي سوويت يونين مار ڪري هيٺ آندو ۽ خروشيچف پاڪستان جي نقش تي ڳاڙهو نشان لڳايو. جنرل ايوب خان کان پوءِ ايندڙ فوجي ۽ غيرفوجي حڪومتن به سوويت يونين خلاف مغرب سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو. 1979ع ۾ سوويت يونين افغانستان ۾ فوجي مداخلت ڪئي، جنهن خلاف مجاهدن آمريڪا، پاڪستان، سعودي عرب ۽ چين جي مدد سان گوريلا جنگ شروع ڪئي ۽ 1989 ۾ سوويت فوجن کي پوئتي هٽڻو پيو. پوءِ مجاهدن پاڻ ۾ گهرو ويڙهه ۾ الجهي پيا، جنهن جو فائدو طالبان کي مليو ۽ 1996 ۾ هو اقتدار تي قابض ٿي ويا. نائين اليون جي دهشتگرد حملي کانپوءِ آمريڪا افغانستان تي حملو ڪري پنهنجي حامي حڪومت قائم ڪئي. افغان طالبان 2001 کان 2021 تائين آمريڪا ۽ نيٽو جي فوجن سان وڙهندا رهيا، جڏهنته پاڪستان نيٽو جو اتحادي نه هجڻ باوجود به مغرب جو ساٿ ڏيندو رهيو. هي خونريز جنگ تڏهن ختم ٿي، جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ پهريون ڀيرو آمريڪا جو صدر بڻيو. سندس حڪومت طالبان سان قطر ۾ امن معاهدو ڪيو.
صدر ٽرمپ ٻيهر چونڊ نه کٽي سگهيو ۽ صدر بائيڊن 2021 ۾ اقتدار سنڀالي ورتو. بائيڊن جي حڪومت افغانستان مان تمام جلدي فوجي ڪڍڻ واري عمل کي مڪمل ڪيو، جنهن کانپوءِ آمريڪا ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ٿڌا ٿي ويا. اها سرد مهري واري حالت تڏهن ختم ٿي، جڏهن ڊونلڊ ٽرمپ 2024 جي صدارتي چونڊ کٽي ٻيهر آمريڪي صدر بڻيو. اقتدار ۾ اچي، هن آمريڪا سان واپار ڪندڙ سڀني ملڪن تي واڌو ٽيڪس لاڳو ڪيا ۽ سخت رويو اختيار ڪيو، پر پاڪستان اهو واحد ملڪ رهيو جنهن جي قيادت کيس سڀني کان وڌيڪ پسند آهي. ست ڏهاڪن تي پکڙيل پاڪستان آمريڪا لاڳاپن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته مغربي بلاڪ پنهنجي عالمي مفادن جي جنگ ۾، سوويت يونين خلاف، پاڪستان کي سندس جاگرافيائي حيثيت سبب اتحادي بڻايو ۽ ان جي ڪجهه قيمت به ادا ڪئي.
اڄ جي نئين دنيا ۾ سياست ۽ نظريا معيشت جي تابع ٿي چڪا آهن. تنهن ڪري هن ڀيري آمريڪا جي ”مهرباني“ جو وڏو سبب پاڪستان ۾ قدرتي وسيلن ۽ ناياب معدنيات جا وڏا ذخيرا آهن. آمريڪا کي انهن معدنيات جي سخت ضرورت آهي، جنهن سبب ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نئين گرمجوشيءَ ۾ داخل ٿيا آهن. پر سوال اهو آهي ته ڇا هي گرمجوشي تڏهن به قائم رهندي، جڏهن آمريڪي معيشت جي دٻاءَ ۾ ڪجهه گهٽتائي اچي ويندي؟ هن وقت ان جو اندازو لڳائڻ وقت کان اڳ هوندو. آمريڪا جي معاشي بحران جي بنيادي سببن مان هڪ ان جو انتهائي وڏو واپاري خسارو آهي، جيڪو فوجي طاقت ذريعي ختم نٿو ٿي سگهي. هيءَ حقيقت ئي ٽرمپ جي سوچ ۾ تبديلي جو بنيادي سبب بڻي. ٽرمپ محسوس ڪيو ته معاشي بحران کي طاقت ذريعي نه، پر نئين حڪمت عملي سان حل ڪرڻو پوندو. تنهن ڪري هن ماضي جون سياسي دوستيون اقتصادي مفادن جي تابع ڪري ڇڏيون. ڪينيڊا، ميڪسيڪو ۽ يورپ جهڙن ويجهن دوست ملڪن کان فاصلو رکيو، پر چين جهڙي وڏي حريف سان لاڳاپا نه ٽوڙيا.هن ملڪن وچ ۾ ويڙهاڪ پاليسين بدران امن کي ترجيح ڏني ۽ غزه امن معاهدو ڪرايو ته جيئن عالمي سطح تي آمريڪا جي ساک بحال ٿئي ۽ واپاري معاهدن ۾ فائدو ملي. صدر ٽرمپ ۽ شي جن پنگ جي ڇهن سالن بعد ڏکڻ ڪوريا ۾ ٿيندڙ ملاقات سان آمريڪا ۽ چين جي وچ ۾ تجارتي جنگ بند ٿي وئي. آمريڪا چين تي لڳايل 100 سيڪڙو واڌو ٽيڪس ختم ڪيا، جنهن جي جواب ۾ چين به آمريڪا کان سويا بين جي درآمد، ناياب معدنيات جي برآمد ۽ ٻين پابندين کي هڪ سال لاءِ معطل ڪيو.صدر شي جن پنگ جو جملو ”ڳالهيون جنگ کان بهتر آهن“ چين جي حڪمت ۽ بردباريءَ جو عڪس آهي. امڪان آهي ته صدر ٽرمپ جلد ئي ڀارت سان به واپاري ٽيڪسن بابت معاملا طئي ڪري وٺندو. چين ۽ ڀارت دنيا جي ٻي ۽ چوٿين نمبر تي وڏيون معيشتون آهن ۽ گڏيل طور تي ٽي ارب صارفين جي منڊي رکندا آهن. آمريڪي معيشت ڊگهي عرصي تائين انهن ٻنهي ملڪن سان تجارتي ڇڪتاڻ برداشت نٿي ڪري سگهي. 1980 کانپوءِ ٽيڪنالاجيءَ جي انقلاب سڄي دنيا ۾ اقتصادي ۽ سياسي طاقت جا نوان مرڪز پيدا ڪيا آهن. گذريل چاليهن سالن ۾ جيڪا ترقي ٿي آهي، اها انساني تاريخ ۾ بي مثال آهي. اڄ دنيا جا 124 ملڪ سالياني چار سيڪڙو جي شرح سان اڳتي وڌي رهيا آهن. آمريڪا اڃا تائين واحد عالمي طاقت آهي، پر عالمي صنعتي پيداوار ۽ واپار ۾ ان جو حصو گهٽجي رهيو آهي. تنهن ڪري صدر ٽرمپ دنيا ۾ اڀرندڙ نئين ڪثير الجهتي اقتصادي ۽ تجارتي نظام سان ٽڪرائڻ بدران آمريڪا کي ان سان هم آهنگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
اسان کي به هاڻي آمريڪا وانگر تبديليءَ جو امتحان درپيش آهي. چڱو ٿيندو، جيڪڏهن اسين صدر ٽرمپ جي تعريفن تي رڳو سندس شڪريو ادا ڪرڻ تائين محدود نه رهون، پر وقت سان گڏ بدلجڻ واري سندس حڪمت عملي کي به سمجهون ۽ ان مان سبق وٺون، ڇوته وقت سان گڏ بدلجڻ ئي اصل دانشمندي آهي.