ڪجهه ڏهاڙا اڳ ڪشمور ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان هڪ لڱ ڪانڊيئڙن واقعو پيش آيو، جنهن ۾ چار ورهين جي معصوم نياڻيءَ شهزاديءَ کي هڪ جوابدار جنسي لڄالٽ جو نشانو بڻائي کيس اڌ مئو ڪري ڇڏيو. معصوم شهزاديءَ جي حالت خراب ٿيڻ ڪري کيس سندس وارث رحيم يار خان ۾ واقع شيخ زيد اسپتال کڻي ويا اتي اسپتال انتظاميا پوليس ليٽر نه هجڻ سبب سندس علاج نه ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ کيس سکر جي هڪ خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو.
ان سڄي معاملي کي پوليس کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ڇاڪاڻ ته معصوم نياڻيءَ کي ظلم جو شڪار بڻائيندڙ وحشي جوابدار گلاب دين متاثر نينگريءَ جو سڳو سئوٽ ٻڌايو پيو وڃي، پر سوشل ميڊيا تي خبرون اچڻ کان پوءِ ڪشمور پوليس تحرڪ ورتو ۽ جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس ڪيس داخل ڪيو. جوابدار جي گرفتاري ۽ مٿس ڪيس داخل ٿيڻ کان پوءِ ڪشمور جا قبيلائي اثر رسوخ رکندڙ ماڻهو، جن جون اوطاقون عدالت بڻيل آهن ۽ سندن حڪم پوليس ٿاڻن سميت ٻين سرڪاري ادارن ۾ هلندو آهي، ظلم جو شڪار بڻيل معصوم نياڻيءَ جا ڀرجهلا بڻجڻ بدران ساڻس ٿيل زيادتي واري واقعي تي مٽيءُ وجهڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا ۽ جوابدار کي بچائڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ هلائڻ لڳا.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته چار سالن جي معصوم نياڻيءَ کي جنسي ڏاڍائي جو شڪار بڻائيندڙ جوابدار معصوم شهزاديءَ جو ڏوهاري ته آهي ئي آهي، پر اهو سڄي سماج ۽ رياست جو پڻ مجرم آهي جنهن کي سخت کان سخت سزا ملڻ گهرجي ئي، پر ساڻس همدردي رکندڙ ۽ کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪندڙ، جيڪي پنهنجي ان عمل ۾ گهڻي ڀاڱي ڪامياب ٿيندي نظر اچي رهيا آهن، به ڪنهن همدردي جا حقدار ناهن. شهر جي باشعور ۽ ساڃاهه وند ماڻهن کي گهرجي ته اهڙن ماڻهن، جيڪي مظلومن جا ڀرجهلا ٿيڻ بدران ظالم، وحشي ۽ بدڪردارن جي پٺڀرائي ڪندا رهن ٿا، سان سماجي بائيڪاٽ ڪن ۽ انهن جو مسقتل طور ”هٿ بند“ ڪيو وڃي.
جيتوڻيڪ ڪشمور پوليس متاثر نياڻي جي والد جي فرياد تي جوابدار خلاف ڪيس داخل ته ڪيو آهي پر اڃان تائين ڪشمور پوليس جوابدار جي گرفتاري ظاهر ڪندي کيس عدالت ۾ پيش ناهي ڪيو ته جيئن جوابدار جو رمانڊ وٺي وڌيڪ جاچ ڪئي وڃي ته جيئن ڪيس ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي سگهي،. باخبر ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي، ته ڪيس جو چالان ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي متاثر نياڻي شهزاديءَ جي مسڪين والد کي وڏيرن دڙڪا داٻا ڏئي راڄوڻي ڪرڻ تي مجبور ڪري ورتو آهي ۽ ان سڄي معاملي کي هڪ خانگي عدالت (اوطاق) تي حل ڪيو ويو آهي، جنهن سبب جوابدار تي داخل ٿيل ڪيس چالان ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي ختم ڪيو ويندو.
ڪشمور قبيلائي پسمنظر رکندڙ شهر آهي، جتي خونن سميت ڪيترائي ڪيس توڙي جو عدالتن ۾ هلندڙ هوندا آهن پر انهن جا حتمي فيصلا وڏيرن ۽ سردارن وٽ ئي ٿيندا آهن ۽ اهڙي طرح پوءِ اهي سڀ ڪيس به ختم ڪيا ويندا آهن. شهيد اجمل ساوند کان ويندي شهيد جاويد کوسي تائين ڪيترائي ناحق شهيد ٿيل ماڻهن جي خون جي ڪيسن جا فيصلا راڄوڻين ذريعي ڪري سندن لاش لوڙهيا ويا آهن.نه ڄاڻ رڳو ڪشمور جي تاريخ ۾ الائي ڪيترن ئي بيگناهن قبيلائي دهشتگردن هٿان قتل ٿيل ماڻهن جي خون سان انصاف نه ٿيو هوندو ۽ سندن روح اڄ به انصاف جا گرجائون هوندا. پر افسوس جو ان ڪڌي ۽ فرسوده نظام جي ور هڪ چار ورهين جي معصوم نياڻيءَ به چڙهي وئي آهي.
ڪشمور پوليس ڪجهه سال اڳ معصوم ڇوڪريءَ عائشه کي يرغمال بڻائيندڙ جوابدار رفيق ملڪ کي عورتاڻي آواز سان دوکي سان گهرائي کيس گرفتار ڪيو هو ۽ بعد ۾ کيس مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏيو هو، جنهن لاءِ ٻڌڻ ۾ آيو هو ته جوابدار رفيق ملڪ عائشه جي امڙ کي نوڪري ڏيارڻ جي بهاني سان گهرائي سندس نياڻي کي پاڻ وٽ يرغمال بڻائي ورتو هو، رفيق ملڪ جي قتل تي ڪشمور جي ڪيترن ئي شهرين پوليس جي ان عمل جي واکاڻ ڪئي هئي ۽ کيس شاباس ڏني هئي، پر خبر ناهي اهي اڄ شهزاديءَ واري ڪيس کي لوڙهڻ واري عمل تي ڇو خاموش آهن.منهنجو مطلب اهو هرگز ناهي ته معصوم نياڻيءَ کي حيوانيت جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار کي به ڪشمور پوليس رفيق ملڪ جيان ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي قتل ڪري ڇڏي. مان ڪنهن به اهڙي عمل جي حمايت هرگز نٿو ڪري سگهان، جيڪو عدالتن کان مٿانهون هوندو. پر جوابدار کي قانون مطابق سزا ڏيڻ سماج جي پکڙجندڙ ڇڙواڳي ۽ وحشت جي وڌاري کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي. ان لاءِ انساني حقن جي تنظيمن، پوليس جي اعليٰ عملدارن ۽ عداليه کي معصوم نياڻيءَ شهزاديءَ جي ڪيس کي خراب ڪرڻ لاءِ ٿيندڙن سازشن ۽راڄوڻي ڪوششن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي.